قاتل گرفتار ڪيو، جاگيراڻي برادري جو لاش رکي ڌرڻو

قاتل گرفتار ڪيو، جاگيراڻي برادري جو لاش رکي ڌرڻو

قبوسعيدخان (خادم حسين جاگيراڻي) گذريل ڏينھن ڳوٺ ھيبت خان مگسي ويجھو ڪار جي ٽڪر ۾ فوت ٿي ويل 16 ورھين جي عبدالقادر جاگيراڻي جي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ جاگيراڻي برادري ۽ مختلف سياسي سماجي اڳواڻن جو گوادر موٽروي  تي لاش رکي احتجاجي مظاھر، ڌرڻو، سنڌ بلوچستان طرف ايندڙ ويندڙ ٽرئفڪ معطل رھي. ان موقعي تي جاگيراڻي برادري ۽ مختلف سياسي سماجي اڳواڻن خادم حسين جاگيراڻي، طاھر حسين، سجاد حسين، زبير جاگيراڻي، غلام شبير مگسي، گل محمد کرل، گنهور علي بروهي، ڪامريڍ محمد عيسيٰ مگسي، در محمد فاروقي ۽ ٻين چيو ته ستين ڪلاس جو شاگرد عبدالقادر جاگيراڻي گذريل ڏينھن  پنھنجي ڳوٺ اچي رھيو ھو ته ڳوٺ ھيبت خان مگسي ويجھو نامعلوم ڪار سوارن کين زور دار ٽڪر ھڻي فرار ٿي ويو جنھن کي نازڪ حالت ۾ لاڙڪاڻو اسپتال نيو ويو ته ھو زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويو. ھنن چيو ته ربيع پل چونڪي تي موجود پوليس اھلڪارن اطلاع باوجود ڪار وارن کي ڇڏي ڏنو. ھنن آءِ جي سنڌ، ايس ايس پي قمبر شھدادڪوٽ کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽس وٺي جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪري ملوث پوليس اھلڪارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو جاري رھندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو