ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ انٽرنيشنل فنانس ڪارپوريشن جو ڊويزن ڊائريڪٽر پاڪستان مسٽر سائمن اينڊريوز ڊيجيٽل انفراسٽرڪچر، نئين ٿيندڙ توانائي، زراعت، هيلٿ ڪيئر، هيومن ڪيپيٽل ڊيولپمينٽ ۽ سوشل پروٽيڪشن سميت اهم شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. اھو اتفاق وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيل هڪ اجلاس ۾ ٿيو جنهن ۾ پلاننگ اينڊ ڊيولپمينٽ جو وزير ڄام خان شورو، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، وڏي وزير جو پرنسپال سيڪريٽري آغا واصف، چيئرمين پي اينڊ ڊي نجم شاهه ۽ سيڪريٽري ناڻو فياض جتوئي شريڪ ٿيا جڏھن ته آءِ ايف سي جي وفد ۾ مس ناز خان ۽ مس سحر اعتزاز شامل هيون. اجلاس دوران وڏي وزير اسٽريٽجڪ شعبن ۾ سيڙپڪاري لاءِ ڌيان ڇڪرائڻ لاءِ سنڌ جي عزم کي نمايان ڪيو ۽ صوبي ۾ هڪ بين الاقوامي ڊيٽا سينٽر جي قيام سان گڏ ننجي شعبي لاءِ نئين ٿيندڙ توانائي جي پيداوار کي وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وڏي وزير چيو اسان اڀرندڙ شعبن، خاص طور تي ڊيجيٽل انفراسٽرڪچر ۽ نئين ٿيندڙ توانائي ۾ سيڙپڪاري لاءِ هڪ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ تي ڌيان ڏئي رهيا آهيون، جيڪي معاشي ترقي ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ لاءِ انتهائي اهم آهن. گفتگو ۾ زرعي ويليو چينز کي مضبوط بڻائڻ، اسٽوريج ۽ پروسيسنگ جي سهولتن کي بهتر ڪرڻ ۽ ميڪانائيزيشن ذريعي هارين جي روزگار کي بهتر بڻائڻ تي به ڌيان ڏنو ويو. ننڍن هارين کي درپيش چيلينجز کي نمايان ڪندي وڏي وزير چيو اسان جي هارين جو هڪ وڏو انگ ننڍن زميندارن تي مشتمل آهي جن وٽ 25 ايڪڙن تائين زمين آهي. اسان پاڙيسري هارين کي گروپ ٺاهڻ ۽ سرڪاري سبسڊي وارن ٽريڪٽرن مان گڏيل طور تي فائدو وٺڻ جي ترغيب ڏئي انهن جي ڪاشتڪاري کي ميڪانائيز ڪرڻ ۾ مدد ڪرڻ چاهيون ٿا. وڏي وزير چيو جڏهن ٻه يا ٽي هاري، جيڪي هڪٻئي سان ملندڙ زمينن تي ڪاشتڪاري ڪن ٿا، گڏ ٿين ٿا، ته اسان سبسڊي وارن ٽريڪٽرن ذريعي انهن جي مدد ڪري سگهون ٿا، جنهن سان اهي پيداواري صلاحيت کي بهتر ڪرڻ ۽ پنهنجي زمين جو بهتر استعمال ڪرڻ جي قابل ٿي سگهندا. آءِ ايف سي جي ڊويزن ڊائريڪٽر پاڪستان هيومن ڪيپيٽل خاص طور تي هيلٿ ڪيئر، نيُوٽريشن ۽ اسڪلز ڊيولپمينٽ کي بهتر ڪرڻ جي قدمن ۾ سهڪار ڪرڻ جو اظهار ڪيو. ڳالهين ۾ سنڌ جي اسٽنٽنگ (ٻارن جي سوڪهڙي) جي خاتمي واري پروگرام ۽ ٻارن جي صحت ۽ تعليمي نتيجن کي بهتر ڪرڻ جي ڪوششن تي سهڪار شامل هو. وڏي وزير چيو سنڌ جو مستقبل صحت مند، تعليم يافته ۽ هنرمند نوجوانن تي ٻڌل آهي. اسان اهڙن پروگرامن ۾ سيڙپڪاري ڪري رهيا آهيون جيڪي هيلٿ ڪيئر کي بهتر ڪن ٿا، اسٽنٽنگ کي گهٽ ڪن ٿا ۽ اسان جي ٻارن کي ايندڙ ڪلهه جي معيشت لاءِ ضروري مهارتن سان آراسته ڪن ٿا. مسٽر سائمن اينڊريوز سنڌ حڪومت جي سڌارن واري ايجنڊا کي ساراهيو ۽ صوبي ۾ پائيدار ۽ جامع ترقياتي قدمن جي حمايت لاءِ آءِ ايف سي جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. مسٽر اينڊريوز چيو آءِ ايف سي حڪومتِ سنڌ سان اهڙن شعبن ۾ ڀاڱيوالي جا اهم موقعا ڏسي ٿي جيڪي ڊگهي مدت جا معاشي ۽ سماجي اثر وجهي سگهن ٿا، بشمول ڊيجيٽل انفراسٽرڪچر، نئين ٿيندڙ توانائي، زرعي ڪاروبار، هيلٿ ڪيئر ۽ هيومن ڪيپيٽل ڊيولپمينٽ. اجلاس ۾ هيلٿ ڪيئر سيڪٽر خاص طور تي نرسنگ ۾ افرادي قوت جي کوٽ کي ختم ڪرڻ تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وڏي وزير سنڌ ۾ تربيت يافته نرسن جي سالياني پيداوار ۾ نمايان اضافو ڪرڻ جو پنهنجو ويزن شيئر ڪيو. هن چيو اسان ملڪي گهرج کي پورو ڪرڻ ۽ پنهنجي هنرمند پيشيور ماڻهن لاءِ بين الاقوامي سطح تي موقعا پيدا ڪرڻ لاءِ هر سال گهٽ ۾ گهٽ 15,000 نرسون تيار ڪرڻ چاهيون ٿا. حڪومت هن قدم جي شروعات لاءِ فنڊز فراهم ڪرڻ لاءِ تيار آهي، جڏهن ته ان جي ڊگهي مدت جي پائيداري لاءِ نجي شعبي جي شراڪت جي ترغيب ڏني ويندي. پاڪستان ۾ تربيت يافته نرسنگ پروفيشنلز جي کوٽ کي تسليم ڪندي، ٻنهي ڌرين بنيادي نرسنگ تعليم ۽ خصوصي تربيت لاءِ هڪ جامع ماڊل تيار ڪرڻ تي گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. وڏي وزير پنهنجي ٽيم کي هدايت ڪئي ته اها هيلٿ ڪيئر، زراعت، سوشل پروٽيڪشن ۽ هيومن ڪيپيٽل ڊيولپمينٽ ۾ تعاون جي موقعن جي سڃاڻپ لاءِ آءِ ايف سي جي ماهرن سان گڏجي ڪم ڪري. وڏي وزير ڳالهه ختم ڪندي چيو اسان انهن خيالن کي عملي منصوبن ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ آءِ ايف سي سان ڪم ڪرڻ جا منتظر آهيون جيڪي روزگار کي بهتر بڻائيندا، نوڪريون پيدا ڪندا ۽ سنڌ جي عوام کي بهتر سهولتون فراهم ڪندا. مسٽر اينڊريوز سنڌ سان لاڳاپن کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ ۽ صوبي جي ترقياتي ترجيحن جي حمايت لاءِ نوان مالي ۽ سيڙپڪاري جا حل ڳولڻ لاءِ آءِ ايف سي جي آمادگي جو اعادو ڪيو. اجلاس ۾ موسمياتي لچڪدار انفراسٽرڪچر تي سهڪار ۽ سنڌ بھر ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي منصوبن ۾ موسمياتي خطرن جي عنصرن کي شامل ڪرڻ جي موقعن جو به جائزو ورتو ويو. آءِ ايف سي جي پائيدار انفراسٽرڪچر ايڊوائزري ٽيم پي پي پي منصوبن جي تياري، پرک ۽ انتظام ۾ موسمياتي خطرن جي پرک ۽ موافقت جي قدمن کي شامل ڪرڻ لاءِ تڪنيڪي مدد فراهم ڪرڻ جي تجويز ڏني. سهڪار جي ترجيحي شعبن جي سڃاڻپ لاءِ هن وقت ڳالهيون جاري آهن. سنڌ پي پي پي يونٽ ٽن اهم شعبن ۾ آءِ ايف سي کان مشاورتي سهڪار جي درخواست ڪئي جن ۾ پروجيڪٽ ٽيمن لاءِ صلاحيت سازي، ڪلائيميٽ ريزيليئنس جي رهنمائي واري اصولن جي تياري، ۽ پي پي پي پروجيڪٽ جي رٿابندي ۽ اسٽرڪچرنگ جي عمل ۾ موسمياتي خطرن جي پرک جي اوزارن کي شامل ڪرڻ شامل آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو اسان کي اهو يقيني بڻائڻو پوندو ته اسان جا انفراسٽرڪچر ۽ ترقياتي منصوبا موسمياتي تبديلي جي وڌندڙ اثرن کي برداشت ڪرڻ لاءِ ڊيزائن ڪيا وڃن. پروجيڪٽ جي منصوبه بندي ۾ لچڪ پيدا ڪرڻ هاڻي اختياري ناهي رهيو؛ اهو پائيدار ترقي لاءِ ناگزير آهي. وڏي وزير موسمياتي چيلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ ادارتي صلاحيت کي مضبوط بڻائڻ جي اهميت تي زور ڏنو ۽ موسمياتي موافقت جي فريم ورڪس ۽ لچڪ تي ٻڌل پروجيڪٽ ڊيزائن جي معيارن کي تيار ڪرڻ ۾ آءِ ايف سي جي سهڪار جي آجيان ڪئي. مسٽر سائمن اينڊريوز چيو ته آءِ ايف سي سنڌ کي موسمياتي سمارٽ انفراسٽرڪچر بنائڻ ۽ ان جي ترقياتي سيڙپڪاري جي لچڪ کي مضبوط ڪرڻ ۾ مدد ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. هن چيو، “پروجيڪٽ جي تياري ۽ انتظام ۾ موسمياتي خطرن جي عنصرن کي شامل ڪرڻ سان سيڙپڪاري کي تحفظ ملي ٿو، پائيداري بهتر ٿئي ٿي ۽ اهو يقيني بڻجي ٿو ته انفراسٽرڪچر ڪميونٽيز کي ڊگهي مدت جا فائدا فراهم ڪري. وڏي وزير مراد شاهه چيو سنڌ موسمياتي تبديلي جي فرنٽ لائين تي موجود آهي. هر نئين انفراسٽرڪچر پروجيڪٽ کي لچڪ ۽ موافقت کي ذهن ۾ رکي ڊيزائن ڪيو وڃڻ گهرجي ته جيئن عوامي سيڙپڪاري پائيدار رهي ۽ ايندڙ نسلن لاءِ فائديمند ثابت ٿئي. آءِ ايف سي جي ڊويزن ڊائريڪٽر برائي پاڪستان اينڊريوز چيو آءِ ايف سي انفراسٽرڪچر ۽ پي پي پي پروجيڪٽن ۾ موسمياتي خطرن جي انتظام ۽ موافقت جي قدمن کي شامل ڪرڻ ۾ سنڌ جي مدد لاءِ پرجوش آهي، جنهن سان هڪ وڌيڪ لچڪدار ۽ پائيدار ترقياتي ماڊل ٺاهڻ ۾ مدد ملندي. ٻنهي ڌرين سنڌ ۾ موسمياتي خطرن جي پرک، موافقت جي منصوبه بندي ۽ لچڪ تي ڌيان ڏيندڙ پي پي پي پروجيڪٽ جي ترقي لاءِ هڪ جامع فريم ورڪ قائم ڪرڻ تي مشاورت جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.










