دادو(رپورٽر)دادو جي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ فش پوائنٽ ڀرسان رهائشي ڪالوني ۾ نجي طور بجليءَ جو ڪم ڪندڙ 17 ورهين جو نوجوان اسد پٽ اشرف گوپانگ ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو علائقي واسين موجب نوجوان مقامي ٽرانسفارمر تي بجليءَ جو ڪم ڪري رهيو هو ته حفاظتي سامان نه هجڻ سبب کيس زوردار بجلي جو ڪرنٽ لڳو، جنهن جي نتيجي ۾ هو موقعي تي ئي فوت ٿي ويو واقعي بعد پوليس ۽ علائقي واسين نوجوان جو لاش سول اسپتال منتقل ڪيو، جتي ضروري قانوني ڪارروائي مڪمل ڪرڻ کان پوءِ لاش وارثن حوالي ڪيو ويو نوجوان جو لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو ۽ علائقي ۾ سوڳ جي فضا ڇانيل رهي جڏهن ته وارثن پاران بجلي جي عملدارن کي ذميوار قرار ڏيندي انهن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي؛










