ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ميئر ڪراچي بيرسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته شهر جي سمورن رجسٽرڊ واٽر ٽينڪرن تي بار ڪوڊ سسٽم لاڳو ڪيو ويو آهي. واٽر ٽينڪرن سان لاڳاپيل نئين نظام بابت هڪ بيان ۾ ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب چيو ته بار ڪوڊ ذريعي ٽينڪر، ڊرائيور، روٽ، فٽنيس ۽ ٻيون تفصيلون حاصل ٿي سگهنديون.هن چيو ته رجسٽرڊ ٽينڪر جي سڃاڻپ ۽ ڊرائيور جي تصوير جي بار ڪوڊ ذريعي تصديق ڪري سگهبي. مرتضيٰ وهاب چيو ته غير قانوني ٽينڪر مافيا جي خاتمي لاءِ جديد بار ڪوڊ ٽريڪنگ سسٽم لاڳو ڪيو ويو آهي.










