اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وفاقي ناڻي واري وزير جي صدارت هيٺ اقتصادي رابطا ڪميٽي (ECC) جي اجلاس ۾ مختلف ترقياتي، انتظامي ۽ سيڪيورٽي منصوبن لاءِ اربين رپين جي منظوري ڏني وئي آهي.اجلاس ۾ يومِ آزادي ۽ معرڪه حق تقريبن 2025ع لاءِ 1 ارب 28 ڪروڙ 90 لک رپين جي ٽيڪنيڪل ضمني گرانٽ منظور ڪئي وئي، جڏهن ته اسلام آباد ۾ معرڪه حق مونومينٽ (يادگار) منصوبي لاءِ 2 ارب رپين جي منظوري ڏني وئي، جنهن کي فرنٽيئر ورڪس آرگنائيزيشن (FWO) مڪمل ڪندي. اقتصادي رابطا ڪميٽي پاڪستان آسان خدمت مرڪز فيز ٽو جي تڪميل لاءِ 4 ارب 50 ڪروڙ رپين جي ٽيڪنيڪل ضمني گرانٽ ۽ اسمارٽ اسلام آباد انيشيئيٽو لاءِ 91 ڪروڙ 12 لک رپين جي بچت منتقل ڪرڻ جي منظوري به ڏني. اجلاس ۾ بلوچستان ۾ خدمتون سرانجام ڏيندڙ پي اي ايس (PAS) ۽ پي ايس پي (PSP) آفيسرن لاءِ مراعاتي پيڪيج جي مد ۾ 31 ڪروڙ 23 لک رپيا منظور ڪيا ويا، جڏهن ته ٽيلي گرافڪ ٽرانسفر چارجز انسينٽو اسڪيم پهرين جولائي 2026ع کان ختم ڪرڻ جي به منظوري ڏني وئي. ضلعي شانگلا جي ترقياتي منصوبن لاءِ 79 ڪروڙ 37 لک رپيا منتقل ڪرڻ، پاڪستان اسٽيل ملز جي ملازمن جي پگهارن جي ادائيگي لاءِ فنڊ جاري ڪرڻ ۽ ماهيگيرن جي ٻيڙين ۾ ويسل مانيٽرنگ سسٽم لڳائڻ لاءِ وفاقي حڪومت جو 60 ڪروڙ رپين جو حصو منظور ڪيو ويو. اجلاس ۾ پاور سيڪٽر لاءِ سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي (CPPA) جي 52 ارب رپين جي ٽيڪنيڪل ضمني گرانٽ جي سمري پڻ منظور ڪئي وئي، جڏهن ته ڪي اليڪٽرڪ لاءِ انٽر ڊسڪوز ٽيرف ڊفرينشل سبسڊي جي مد ۾ 97 ارب 64 ڪروڙ 90 لک رپيا منتقل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. اقتصادي رابطا ڪميٽي فرنٽيئر ڪور (FC) خيبرپختونخوا نارتھ لاءِ آپريشنل ضرورتن جي مد ۾ 25 ڪروڙ رپيا، سوئي ناردرن لاءِ 50 ارب رپين جي فنانسنگ تي خودمختيار ضمانتن (Sovereign Guarantees) جي مدت 30 جون 2027ع تائين وڌائڻ، پاڪستان ريلويز جي گرانٽ ان ايڊ ۾ 7 ارب رپين جي واڌ ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ اٿارٽي لاءِ 2 ڪروڙ 24 لک رپين جي ٽيڪنيڪل ضمني گرانٽ جي به منظوري ڏني. اجلاس ۾ ايف آءِ اي (FIA) ملازمن جي خرچن لاءِ 19 ڪروڙ 32 لک رپين جي ٽيڪنيڪل ضمني گرانٽ، جڏهن ته سول آرمڊ فورسز جي شهيدن جي وارثن جي واجبات جي ادائيگي لاءِ 4 ارب 20 ڪروڙ رپيا منظور ڪيا ويا.










