لکي غلام شاھ(نثارمنگي) شڪارپور جي محمود آباغ پوليس خيرپور جي پريالوءِ واسي ٻن سئوٽن سميع الله جمالي ۽ شمشاد جمالي کي ڪچي طرف ويندي روڪي ورتو. جاچ ڪرڻ بعد معلوم ٿيو ته ٻئي نوجوان مبينا طور تي عورتاڻي آواز تي هرکجي ڪچي طرف وڃي رهيا هئا ته ڳجهي اطلاع تي ٻنهي نوجوانن کي پوليس ٿاڻي تي کڻي پڇا ڳاڇا ڪئي ته ٻنهي سوُٽن ٻڌايو ته اسان جا ڪچي ۾ رشتيدار آھن ۽ انهن ڏانهن وڃي رهيا آھيون پر جڏھن نوجوانن جي وارثن سان رابطو ڪيو ويو ته انهن چيو ته شڪارپور جي لکي يا ڪنڌڪوٽ جي ڪچي ۾ سندن ڪي به عزيز يا رشتيدار نه آھن نوجوانن کي ٿاڻي تي ويهاري ڇڏيو اسان پاڻ انهن کي وصول ڪرڻ اچون ٿا. وارثن جي اهڙي اطلاع بعد پوليس ٻنهي نوجوانن سميع الله جمالي ۽ شمشاد جمالي کي محمود آباغ ٿاڻي تي رکي ڇڏيو. 6 ڪلاڪن بعد وارث پهچڻ تي وارثن حوالي ڪيو ويو. ايس ايڇ او نثاراحمد کوکر رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته مبينا طور هرکجي ڪچي طرف ويندڙ نوجوان رات جو دير سان ڪچي طرف وڃي رهيا هئا ته موبائيل ڪميونيڪيشن ذريعي سندن جي چرپر مشڪوڪ نمبرن سان رابطو ظاهر ٿيڻ تي انهن کي روڪيو ويو نوجوان جي بيانن ۾ تضاد هئڻ ڪري شڪ وڌي ويو ته انهن جي وارثن سان رابطو ڪري معلومات ورتي ويئي ۽ ٻنهي ڄڻن کي وارثن گل شير جمالي ۽ ڪالو خان جمالي حوالي ڪيو ويو آھي. جڏھن ته نوجوانن جي وارثن پاران پوليس کي شاباس پڻ ڏني وئي.










