خان  جي وڪيل  ڄاڻي واڻي وڪالت ناما نه ورتا، سپرنٽينڊنٽ جو الزام

خان جي وڪيل ڄاڻي واڻي وڪالت ناما نه ورتا، سپرنٽينڊنٽ جو الزام

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) جيل سپرنٽينڊنٽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرائيل جواب ۾ باني پي ٽي آءِ جي وڪيل تي الزام لڳائي ڇڏيو. اسلام آباد جي اعليٰ عدالت ۾ وڪالت نامي تي صحيحن (دستخط) بابت ٻڌڻي دوران جيل سپرنٽينڊنٽ پنهنجي جواب سان گڏ هڪ ٽيڪسٽ ميسج به شامل ڪيو آهي.الزام ۾ چيو ويو آهي ته باني پي ٽي آءِ جي وڪيل 18 جون جي ٻڌڻيءَ کان اڳ، ڄاڻي واڻي وڪالت ناما حاصل نه ڪيا. جيل سپرنٽينڊنٽ چيو ته عدالتي حڪم موجب 16 جون تي وڪالت ناما صحيحن کانپوءِ تيار هئا ۽ سلمان صفدر کي ٽيڪسٽ ميسج ذريعي آگاهه ڪيو ويو هو، سلمان صفدر عدالت کي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ باني پي ٽي آءِ جي وڪيل وڪالت نامي تي صحيحون ڪرائڻ لاءِ جيل انتظاميا خلاف عدالت سان رجوع ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو