اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف 9 ۽ 10 محرم الحرام تي سرڪاري موڪلن جي منظوري ڏئي ڇڏي.عاشوري جي موقعي تي سرڪاري موڪلن جو اعلان ڪيو ويو آهي، ڪابينا ڊويزن 9 ۽ 10 محرم الحرام تي سرڪاري موڪلن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.9 ۽ 10 محرم الحرام تي موڪل هوندي، سڄي ملڪ ۾ جلوس ڪڍيا ويندا ۽ ان دوران سمورا سرڪاري دفتري بند رهندا.سنڌ حڪومت به 9 ۽ 10 محرم الحرام جي موڪلن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، حڪومت پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب 9 ۽ 10 محرم الحرام جي موقعي تي 25 ۽ 26 جون تي عام موڪل هوندي. ياد رهي ته پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ رسول اڪرم صه جي ڏوهٽي حضرت امام حسين ۽ سندس اهلِبيت پاران اسلام لاءِ ڏنل قربانين جي ياد ۾ عاشوري جو ڏينهن ملهايو ويندو آهي.محرم الحرام دوران مجالس ۽ جلوسن جي انعقاد کي نظر ۾ رکندي سڄي ملڪ ۾ سيڪيورٽي جا خاص انتظام ڪيا پيا وڃن.










