پهرين عورت وزيراعظم بينظير ڀٽو جي 73 هين سالگرهه تي خراج پيش

پهرين عورت وزيراعظم بينظير ڀٽو جي 73 هين سالگرهه تي خراج پيش

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) مسلم دنيا جي پهرين عورت وزيراعظم بينظير ڀٽو شهيد جي 73 هين سالگرهه اڄ ملهائي پئي وڃي، قائدانه صلاحيت، مخالفن سان ڳالهه ٻولهه ۽ مملڪت جا معاملا هلائڻ ۾ ڀٽو جي ڌيءَ بي نظير هئي.دخترِ مشرق بي نظير ڀٽو پنهنجي نالي وانگر قابليت، ذهانت، صلاحيت، جرات، همت ۽ فيصلي ۾ به پنهنجي آخري ساهه تائين بي نظير رهي، سندس شمار ايشيا جي انهن ممتاز عورتن ۾ ٿئي ٿو، جن ڏکين ۽ ڪٺن حالتن جو حوصلي سان مقابلو ڪيو. 21 جون 1953 تي ڪراچي ۾ پيدا ٿيندڙ اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو جي صاحبزادي بي نظير پاڪستان جي ٻه ڀيرا وزيراعظم رهي، هوءَ ڏکڻ ايشيا جي بااثر ۽ عالمِ اسلام جي پهرين عورت وزيراعظم هئي. برطانيه جي آڪسفورڊ يونيورسٽي مان تعليم حاصل ڪري وطن واپسي تي بي نظير ڀٽو پنهنجي والد وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو سان گڏ پرڏيهي دورن تي به وڃڻ لڳي هئي، 1977 ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو ويو، جڏهن سندس خلاف مقدمو هليو ته بي نظير ڀٽو عدالتن جا چڪر ڪاٽيندي رهي. 1982 ۾ بي نظير پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرپرسن چونڊجي وئي، جنرل ضياءُ الحق جي حڪومت دوران کيس جلاوطني اختيار ڪرڻي پئي، وطن واپسي تي هن 1988 جي عام چونڊن ۾ حصو ورتو ۽ وزيراعظم چونڊجي وئي، عوام کيس 1993 ۾ ٻيهر اقتدار بخشيو. 18 آڪٽوبر 2007 تي بي نظير ڀٽو 9 سالن کانپوءِ جنرل پرويز مشرف جي حڪومت واري دور ۾ وطن واپس آئي ۽ کيس 27 ڊسمبر 2007 تي لياقت باغ ۾ جلسي کانپوءِ نامعلوم ماڻهن پاران فائرنگ ڪري شهيد ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو