اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پيٽرول ۽ ڊيزل کانپوءِ مٽيءَ جي تيل جي في ليٽر قيمت ۾ وڏي لاٿ ڪئي وئي.نوٽيفڪيشن موجب مٽيءَ جي تيل جي في ليٽر قيمت ۾ 48 رپيا 29 پئسا لاٿ ڪئي وئي آهي.مٽيءَ جي تيل جي نئين قيمت 233 رپيا 90 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي. قيمت ۾ لاٿ جو اطلاق اڄ کان ڪيو ويو آهي. ان کان اڳ مٽيءَ جي تيل جي قيمت 282 رپيا 19 پئسا في ليٽر هئي. واضح رهي ته پيٽرول جي قيمت ۾ 74 رپيا ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 67 رپيا لاٿ ڪئي وئي آهي.










