ايس ٽي پي پاران وفاقي ۽ سنڌ بجيٽ رد

ايس ٽي پي پاران وفاقي ۽ سنڌ بجيٽ رد

حيدرآباد (ن س) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي وفاقي ۽ سنڌ حڪومت پاران پيش ڪيل مالي سال 2026-27ع جي بجيٽن کي مڪمل طور رد ڪندي چيو آهي ته اهي بجيٽون عوامي ڀلائي، معاشي خودمختياري ۽ قومي حقن جي تحفظ بدران آءِ ايم ايف جي حڪمن تي تيار ڪيل اهڙا دستاويز آهن، جن جو مقصد حڪمرانن جي ناڪامين کي لڪائڻ ۽ انگن اکرن جي جادوگري ذريعي عوام کي گمراهه ڪري انهن مٿان مختلف شڪيلن ۾ ٽيڪسن جو بار وجهڻ آهي. هن چيو ته وفاقي حڪومت هڪ ڀيرو ٻيهر آءِ ايم ايف جي شرطن آڏو جهڪي وئي آهي ۽ وفاقي بجيٽ عوام کي حقيقي رليف فراهم ڪرڻ بدران وڌيڪ ٽيڪسن، پيٽروليم ليوي ۽ عوام تي اضافي معاشي بار وجهڻ جي پاليسي تي ٻڌل آهي. حڪومت معاشي استحڪام ۽ ترقي جا دعويدار آهي، پر ملڪ جو مزدور، هاري، پورهيت، ملازم، واپاري ۽ نوجوان اڄ به سخت معاشي بحران، مهانگائي ۽ بيروزگاري کي منهن ڏئي رهيو آهي. هي بجيٽ عوام دوست نه پر آءِ ايم ايف دوست بجيٽ آهي، جنهن ۾ عوام کي وڌندڙ معاشي دٻاءَ مان ڪڍڻ لاءِ ڪو واضح روڊ ميپ موجود ناهي. ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته وفاقي حڪومت نه رڳو سنڌ کي اين ايف سي ايوارڊ تحت پنهنجو مڪمل آئيني حصو ڏيڻ ۾ ناڪام رهي آهي، پر مسلسل سنڌ جي معاشي حقن تي ڌاڙو هڻي رهي آهي. سنڌ حڪومت پاڻ اعتراف ڪري رهي آهي ته وفاقي وصولين ۾ وڏي گهٽتائي سبب صوبي کي مالي بحران کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي ۽ مئي 2026ع تائين سنڌ کي وفاقي محصولات مان سوين ارب رپين جي گهٽتائي برداشت ڪرڻي پئي آهي، جيڪا وفاقي نااهلي ۽ صوبن سان ناانصافي جو واضح ثبوت آهي. هن چيو ته افسوس جو سنڌ حڪومت به وفاقي ناانصافين خلاف مزاحمت ڪرڻ بدران سوديبازي جي پاليسي اختيار ڪئي آهي ۽ ترقياتي پروگرام ۾ وڏي ڪٽوتي قبول ڪري سنڌ جي حقن تان دستبرداري جو ثبوت ڏنو آهي. اين ايف سي ايوارڊ تحت سنڌ جي حصي ۾ گهٽتائي قبول ڪرڻ يا ترقياتي بجيٽ قربان ڪرڻ ڪنهن به صورت ۾ سنڌ جي عوام جي مفاد ۾ ناهي. ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته پيپلز پارٽي سترهن سالن کان سنڌ تي حڪمراني ڪري رهي آهي، پر اڄ به سنڌ جا لکين ماڻهو صاف پاڻي، معياري تعليم، صحت، روزگار ۽ بنيادي سهولتن کان محروم آهن، جڏهن ته ڪراچي کان ڪشمور تائين تباهه ٿيل انفراسٽرڪچر، بدامني، ڪرپشن، بيروزگاري ۽ غربت حڪمرانن جي ڪارڪردگيءَ جو اصل چهرو آهن. جيڪڏهن هر سال هزارين ارب رپين جا بجيٽ پيش ڪيا وڃن ٿا ته پوءِ سنڌ جي عوام جي زندگيءَ ۾ بنيادي سڌارو ڇو نٿو اچي؟ هن چيو ته سنڌ حڪومت پاران ڪيٽي بندر پورٽ، اقتصادي راهداري، انٽرنيشنل فنانشل سينٽر، صنعتي زونن ۽ سامونڊي پٽي جي ترقي بابت ڪيل اعلان ڪيترائي سنجيده سوال پيدا ڪن ٿا ۽ حڪومت کي واضح ڪرڻ گهرجي ته انهن منصوبن جو فائدو سنڌ جي ماڻهن کي ملندو يا وري ٻاهرين سرمائيدارن، ملٽي نيشنل ڪمپنين ۽ طاقتور ڪارپوريٽ ڌرين کي. ڪيٽي بندر، کاري ڪريڪ، گهوڙاٻاري، ميرپور ساڪرو، ٺٽو، سجاول ۽ بدين جا ساحلي علائقا سنڌ جي تاريخي، ثقافتي ۽ معاشي سڃاڻپ جو حصو آهن ۽ ماضي ۾ به سامونڊي پٽي، ٻيٽن ۽ زرعي زمينن تي قبضي جون ڪوششون ٿينديون رهيون آهن، جن جي سنڌ جي عوام ۽ قومپرست ڌرين مزاحمت ڪئي آهي. اسان کي خدشو آهي ته ڪيٽي بندر ۽ سامونڊي پٽي بابت نوان منصوبا به مقامي ماڻهن کي سندن زمينن ۽ وسيلن کان محروم ڪرڻ جو ذريعو بڻجي سگهن ٿا. هن چيو ته حڪومت عالمي لاجسٽڪ حب، بندرگاهن ۽ صنعتي زونن جا خواب ڏيکاري رهي آهي، پر اها وضاحت ڪرڻ کان قاصر آهي ته مقامي ماهيگيرن، هارين، ڌڻارن ۽ ساحلي آبادين جي زمينن، روزگار ۽ وسيلن جو تحفظ ڪيئن ڪيو ويندو. سنڌ ترقي پسند پارٽي واضح ڪري ٿي ته سامونڊي پٽي ۽ سنڌ جي وسيلن بابت ڪنهن به منصوبي جي حمايت ان وقت تائين ممڪن ناهي، جيستائين مقامي ماڻهن جي زمينن، رهائشي حقن، ماهيگيرن جي روزگار، سامونڊي وسيلن تي سندن حقن ۽ ماحولياتي تحفظ بابت واضح قانوني ضمانتون فراهم نه ڪيون وڃن. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ کي هن وقت پاڻي جي شديد کوٽ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي ۽ خود سنڌ حڪومت اعتراف ڪري رهي آهي ته سنڌ کي پنجاب جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ پاڻي جي کوٽ درپيش آهي. ارسا جي ناانصافين، وفاقي ادارن جي امتيازي پاليسين ۽ سنڌو درياهه تي مسلسل ڌاڙن سبب سنڌ جي زراعت، معيشت ۽ لکين هارين جو مستقبل خطري ۾ آهي. سنڌو درياهه تي ڌاڙو سنڌ جي وجود تي ڌاڙو آهي، جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو. ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته پيپلز پارٽي هر چونڊ ۾ سنڌ جي حقن، وسيلن ۽ خودمختياري جا نعرا هڻندي رهي آهي، پر عملي طور سنڌ جي پاڻي، زمين، ٻيٽن، سامونڊي پٽي ۽ قدرتي وسيلن بابت فيصلن ۾ وفاقي ۽ ڪارپوريٽ مفادن کي ترجيح ڏني وئي آهي ۽ اڄ پيپلز پارٽي سنڌ جي حقن جي محافظ نه، پر سنڌ جي وسيلن، زمينن ۽ سامونڊي پٽي جي سوديبازي ڪندڙ جماعت بڻجي چڪي آهي. هن چيو ته سنڌ جو باشعور عوام هاڻي صرف اعلانن، سنگ بنيادن ۽ خوبصورت خوابن تي اعتبار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي ۽ عوام پڇي رهيو آهي ته سترهن سالن جي مسلسل حڪمراني باوجود بيروزگاري، غربت، بدامني، پاڻي جي کوٽ، تباهه ٿيل تعليم ۽ صحت جي نظام جا مسئلا ڇو برقرار آهن. ڊاڪٽر قادر مگسي واضح ڪيو ته سنڌ ترقي پسند پارٽي سنڌو درياهه، اين ايف سي ايوارڊ، سنڌ جي زمينن، سامونڊي پٽي، ٻيٽن، پاڻي ۽ قدرتي وسيلن تي ڪنهن به قسم جي سوديبازي قبول نه ڪندي ۽ سنڌ جي قومي، معاشي ۽ آئيني حقن جي تحفظ لاءِ جدوجهد کي وڌيڪ تيز ڪيو ويندو ۽ سنڌ دشمن پاليسين، منصوبن ۽ فيصلن جي هر سطح تي ڀرپور عوامي جدوجهد جي ذريعي مزاحمت ڪئي ويندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو