خان سان ملاقات تائين ڊرافٽ تي صحيح نه ڪندس

خان سان ملاقات تائين ڊرافٽ تي صحيح نه ڪندس

پشاور (ويب ڊيسڪ)وزيراعليٰ خيبرپختونخوا سهيل آفريدي چيو آهي ته جيستائين باني پي ٽي آئي عمران خان سان ملڻ نه ڏنو ويندو، تيستائين ڪنهن به ڊرافٽ تي صحيح نه ڪنداسين.بجيٽ اجلاس کي خطاب ڪندي سهيل آفريدي چيو ته اسان جو مطالبو هو ته باني پي ٽي آئي جو بهترين اسپتال ۾ علاج ڪرائي وڃي ۽ ملاقاتون بحال ڪيون وڃن، عمران خان سان ملاقات نه ٿيڻ تائين ڪا به گرانٽ پڻ فائل نه ٿيندي. وزيراعليٰ چيو ته خيبرپختونخوا جي عوام ٽيون ڀيرو مسلسل تحريڪ انصاف تي اعتماد ڪيو آهي، مزمل اسلم بهترين انداز ۾ فنانس کي هلايو آهي، مان تمام پارليامينٽيرينز جو شڪرگذار آهيان جن رات ڏينهن بجيٽ تي ڪم ڪيو. سهيل آفريدي چيو ته 92 ايم پي ايز گڏجي فيصلو ڪري ورتو آهي ته بجيٽ پيش ڪنداسين، اڄوڪي بجيٽ 48 ارب رپين جي خساري سان پيش ٿيندي. خيبرپختونخوا اسيمبلي ۾ وزيراعليٰ جي بجيٽ تقرير دوران اپوزيشن ميمبرن هنگامو ۽ هوڏو ڪيو، جنهن تي سهيل آفريدي اپوزيشن کي جواب ڏنو ته حوصلي سان ڪم وٺو. هن تقرير دوران اها هدايت پڻ ڪئي ته اپوزيشن ميمبرن کي پاڻي پياريو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو