ايندڙ مالي سال جي بجيٽ جون خاص خاص ڳالهيون

ايندڙ مالي سال جي بجيٽ جون خاص خاص ڳالهيون

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر)مالي سال 2026-27 دوران اقتصادي واڌ جي شرح 4 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي. جڏهن ته سراسري مهانگائي جي شرح 8.2 سيڪڙو رهڻ جي توقع آهي. بجيٽ خسارو مجموعي قومي پيداوار (GDP) جو 3.6 سيڪڙو هوندو، جڏهن ته پرائمري سرپلس GDP جو 2 سيڪڙو رهندو.
فيڊرل بورڊ آف روينيو (FBR) جي آمدني 15,264 ارب رپيا ٿيڻ جو اندازو لڳايو ويو آهي، جيڪا موجوده مالي سال جي ڀيٽ ۾ 17.6 سيڪڙو وڌيڪ آهي.
وفاقي آمدنين مان صوبن جو حصو 8,848 ارب رپيا هوندو.
وفاقي حڪومت ۽ صوبائي حڪومتن وچ ۾ ڪجهه قومي ضرورتن کي گڏيل طور پورو ڪرڻ لاءِ هڪ انتظام تي اتفاق ٿيو آهي، جنهن جا قومي سطح تي مثبت اثر پوندا.
هي انتظام گڏيل وفاقيت جي جذبي تحت طئي ڪيو ويو آهي ۽ ان سان صوبائي حڪومتن جي آئيني حقن تي ڪو اثر نه پوندو. هن انتظام تحت وفاقي قابلِ ورڇ پول مان صوبن جو حصو 7هين قومي مالياتي ڪميشن (NFC) ايوارڊ مطابق جاري رهندو.
مالي سال 2026-27 لاءِ ايف بي آر پاران 15,264 ارب رپين جي آمدني گڏ ڪرڻ جو امڪان آهي. بهرحال، قومي حڪمتِ عملي وارن تقاضائن کي نظر ۾ رکندي، گهٽ ۾ گهٽ 13,350 ارب رپيا وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن وچ ۾ ورڇ لاءِ مخصوص رکيا ويا آهن.
13,350 ارب رپين کان 15,264 ارب رپين تائين جيڪا اضافي رقم گڏ ٿيندي، اها پاڪستان جي 1973ع واري آئين جي آرٽيڪل 164 تحت قومي حڪمتِ عملي وارن مقصدن کي پورو ڪرڻ لاءِ صوبائي حڪومتن جي گرانٽن جي صورت ۾ وفاقي حڪومت کي دستياب هوندي.
هي انتظام مالي سال 2026-27 لاءِ لاڳو هوندو ۽ مالي سال 2027-28 ۽ 2028-29 لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي گڏيل مشاورت سان ساڳين بنيادن تي ان جي تجديد ڪئي ويندي.
وفاقي غير ٽيڪس آمدني جو هدف 5,336 ارب رپيا رکيو ويو آهي.
وفاقي حڪومت جي خالص آمدني 11,751 ارب رپيا هوندي.
وفاقي حڪومت جا ڪل خرچ 18,771 ارب رپيا ٿيڻ جو اندازو آهي، جن مان 8,054 ارب رپيا قرضن تي وياج (مارڪ اپ) جي ادائيگين لاءِ مختص ڪيا ويندا.
وفاقي پبلڪ سيڪٽر ڊولپمينٽ پروگرام (PSDP) لاءِ 1,000 ارب رپين جي بجيٽ رکي وئي آهي.
وفاقي حڪومت جا جاري خرچ 17,495 ارب رپيا ٿيڻ جو اندازو لڳايو ويو آهي.
قومي دفاع حڪومت جي سڀ کان اهم ترجيح آهي. هن قومي فرض جي ادائيگي لاءِ 3,000 ارب رپيا فراهم ڪيا ويندا.
شهري انتظاميا جي خرچن لاءِ 1,071 ارب رپيا مختص ڪيا پيا وڃن. پينشن جي ادائيگين لاءِ 1,169 ارب رپيا رکيا ويا آهن، جڏهن ته بجلي ۽ ٻين شعبن لاءِ سبسڊي جي مد ۾ 1,091 ارب رپيا مختص ڪيا پيا وڃن.
گرانٽن جي مد ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (BISP)، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ خيبر پختونخوا جي نون ضم ٿيل ضلعن لاءِ 2,680 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن.
وزيراعظم جي ”اپنا گهر اسڪيم“ لاءِ 71 ارب رپيا رکيا ويا آهن.
برآمدات جي واڌاري لاءِ ايڪسپورٽ ريفائنانس اسڪيم جي توسيع خاطر 88 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن.
حڪومت جو ارادو آهي ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي اهم منصوبن جي دائري کي وڌيڪ وسيع ڪيو وڃي. ان مقصد لاءِ ڪفالت پروگرام کي وڌائي 1 ڪروڙ 20 لک خاندانن تائين پهچايو ويندو.
تعليمي وظيفن واري پروگرام کي پڻ وڌيڪ وڌايو ويندو ته جيئن لڳ ڀڳ 92 لک ٻار ان مان فائدو حاصل ڪري سگهن.
ايندڙ مالي سال لاءِ BISP لاءِ 838 ارب رپيا مختص ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، جيڪا گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 17 سيڪڙو وڌيڪ آهي.
جاري خرچن مان آزاد ڄمون ۽ ڪشمير لاءِ 146 ارب رپيا، گلگت بلتستان لاءِ 88 ارب رپيا ۽ خيبر پختونخوا جي نون ضم ٿيل ضلعن لاءِ 95 ارب رپيا مختص ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو