ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڊي آئي جي ضلع ڏکڻ ڪراچي اسد رضا چيو آهي ته ڊرگز (نشي) جي استعمال جي شروعات اسموڪنگ (سگريٽ نوشي) سان ئي ٿيندي آهي. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته انسدادِ منشيات پاليسي جا 5 اهم جز آهن ۽ اهو يقيني بڻائي رهيا آهيون ته سمورن تعليمي ادارن ۾ سگريٽ، ويپس ۽ ٻين منشيات تي زيرو ٽالرنس (صبر نه ڪرڻ واري) پاليسي اختيار ڪئي وڃي. ڊي آئي جي ضلع ڏکڻ جو چوڻ آهي ته اسموڪنگ، ويپنگ ۽ ٻين ڊرگز جي خلاف عوامي سطح تي مهم هلائي ويندي. اسد رضا چيو ته اسموڪنگ، ويپنگ ۽ منشيات جي نقصانڪار اثرن بابت شاگردن ۽ استادن کي آگاهي فراهم ڪئي ويندي. هن چيو ته جيڪڏهن ڪو به شاگرد ڪنهن نشي جي استعمال ۾ ملوث مليو ته ان جو ري هيب (بحالي) يقيني بڻائينداسين. اسد رضا وڌيڪ چيو ته اسڪول ۽ يونيورسٽي انتظاميا پنهنجي حدن کي ڊرگ ۽ اسموڪ فري (نشو ۽ سگريٽ نوشي کان پاڪ) قرار ڏين ۽ سمورن تعليمي ادارن ۾ انسدادِ منشيات ڪميٽي جوڙي وڃي. ڊي آئي جي ضلع ڏکڻ اهو به چيو ته يقيني بڻائينداسين ته والدين ٻارن جي داخلا وقت منشيات جي روڪٿام بابت رضا مندي جو اقرار نامو صحيح (سائن) ڪن.










