ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ)ليڊي ڊاڪٽر تي تيزاب اڇلائڻ واري واقعي خلاف ينگ ڊاڪٽرن پاران اڄ کان ڪوئيٽا جي سرڪاري اسپتالن ۾ ايمرجنسي کانسواءِ سموريون سروسز بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي ينگ ڊاڪٽرن پريس ڪانفرنس ۾ تيزاب گردي جي واقعي کي سڪيورٽي جي ناڪامي قرار ڏنو ۽ واقعي جي اڻڌري (غير جانبدارانه) جاچ جو مطالبو ڪيو. بلوچستان جي مددگار وزير داخلا (معاون وزير داخلا) بابر يوسف زئي جو چوڻ آهي ته ينگ ڊاڪٽرن کي احتجاج بدران صحت کاتي سان ڳالهيون ڪرڻ گهرجن. بابر يوسف زئي چيو ته وارڊ ۽ او پي ڊي (OPD) ۾ خدمتون بند ڪرڻ سان مريضن کي مشڪلاتون ٿينديون، حڪومت کي بليڪ ميل ڪرڻ جي ڪوشش ڪامياب نه ٿيندي، اسان اها جاچ ڪري رهيا آهيون ته جوابدار ڪنهن سان رابطي ۾ هو. واضح رهي ته ڪوئيٽا جي سنڊيمن اسپتال ۾ تيزاب گردي جو شڪار ٿيل ليڊي ڊاڪٽر کي ڪراچي جي هڪ نجي اسپتال ۾ علاج لاءِ منتقل ڪيو ويو آهي. اسپتال انتظاميا موجب خاتون ڊاڪٽر کي ڳچي، مٿي ۽ چهر ي تي ڦٽ (زخم) آيا آهن، کيس ٻن ڏينهن تائين انتهائي نگهداشت جي وارڊ (ICU) ۾ رکيو ويندو. ٻئي طرف، تيزاب گردي جو جوابدار مبينا پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو هو. بلوچستان جي صحت واري وزير جو چوڻ آهي ته جوابدار ڪيترن ئي مهينن کان ليڊي ڊاڪٽر کي هراسان ڪري رهيو هو، جوابدار جي موبائيل فون ميسجز مان هراسان ڪرڻ جا ثبوت مليا آهن.










