سنڌ، پنجاب ۽ ڪي پي جي مختلف شهرن ۾ تيز هوائون

سنڌ، پنجاب ۽ ڪي پي جي مختلف شهرن ۾ تيز هوائون

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)سنڌ، پنجاب ۽ خيبرپختونخوا جي مختلف شهرن ۾ تيز هوائن، طوفان ۽ برسات سبب گرمي جو زور ٽٽي پيو، جڏهن ته ڪيترن ئي علائقن ۾ بجلي جي فراهمي پڻ متاثر ٿي وئي آهي.رپورٽن موجب، خيبرپختونخوا ۾ تيز هوائن ۽ طوفان جي ڪري مختلف حادثن ۾ 20 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن. ٿرپارڪر ۾ برسات ۽ سکر ۾ ڳڙو پيو، جڏهن ته لاڙڪاڻي، حيدرآباد، مٽياري، هالا، نيو سعيد آباد، شڪارپور ۽ ڪنڌڪوٽ ۾ مٽي جي طوفان تباهي مچائي ڇڏي. ان کان علاوه اسلام آباد، لاهور، جهلم، سرگوڌا، گجرات، رحيم يار خان ۽ چنيوٽ سميت پنجاب جي ڪيترن ئي علائقن ۾ برسات پئي آهي. ٻئي طرف، تيز هوائن جي ڪري لوئر ڪرم ۾ بجلي جي مين لائين جو ٽاور ڪري پيو، جنهن سبب پاڙا چنار، ڀرپاسي جي علائقن ۽ پاڪ افغان سرحدي ڳوٺن جي بجلي بند ٿي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو