ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) موسميات کاتي موجب ڪراچي ۾ اڄڪلهه موسم گرم ۽ گهميل (مرطوب) آهي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته 2 جون تي ايم 9 (M-9) موٽروي جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ رات جو تيز هوا (آندھي) هلي سگهي ٿي.
ان کان علاوه 2 جون تي وچين سنڌ جي ڪجهه هنڌن تي تيز هوا ۽ برسات جو امڪان آهي.
ٻئي طرف خيرپور، سانگهڙ، نوابشاهه ۽ نوشهري فيروز ۾ ڪٿي ڪٿي تيز هوا سان گڏ هلڪي کان وچولي درجي جي برسات جو امڪان آهي










