حيدرآباد مان آمريڪي شهري هٿ، وارثن جي حوالي، پوليس

حيدرآباد مان آمريڪي شهري هٿ، وارثن جي حوالي، پوليس

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) نيويارڪ کان ڪراچي پهچندڙ آمريڪي شهري جي لاپتا ٿيڻ واري معاملي ۾ اڳڀرائي ٿي آهي، پوليس آمريڪي شهري کي حيدرآباد مان ڳولي هٿ ڪري وارثن حوالي ڪري ڇڏيو.پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته آمريڪي شهري جي لاپتا ٿيڻ جو ڪيس شاهه فيصل ڪالوني ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو هو، زيد منير 24 مئي تي نيويارڪ کان ڪراچي پهتو هو. زيد منير 25 مئي جي رات هڪ وڳي گهر کان نڪتو ۽ لاپتا ٿي ويو هو، جنهن کانپوءِ صبح جو ساڍي اٺين وڳي زيد منير جي آمريڪي واٽس اپ نمبر تان هڪ ميسيج ذريعي اسلام آباد وڃڻ جو ٻڌايو ويو هو. ان واٽس اپ ميسيج کانپوءِ زيد جو موبائل فون مسلسل بند پئي هليو. پوليس موجب، زيد پنهنجي ڀيڻان سان گڏ شاهه فيصل ڪالوني ۾ پنهنجي سؤٽ (ڪزن) وٽ عيد ملهائڻ آيو هو، واقعي جي مختلف رخن کان وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي. ٻئي طرف، زيد منير پنهنجي هڪ وڊيو بيان ۾ چيو آهي ته هو پنهنجي مرضيءَ سان حيدرآباد ويو هو ۽ ان بابت پنهنجي ڀيڻ کي به ٻڌايو هئائين. چارجر نه هجڻ ڪري سندس موبائل فون بند ٿي ويو هو جنهن ڪري رابطو ڪٽجي ويو. بعد ۾ حيدرآباد جي هڪ هوٽل ۾ موبائل فون چارج ڪري گهر وارن سان رابطو ڪيائين. آمريڪي شهري زيد منير وڌيڪ چيو ته هو حيدرآباد جي هڪ مقامي هوٽل ۾ ترسيل هو، جتان پوليس کيس ڪراچي منتقل ڪيو. هن چيو ته، “مان پنهنجي مرضيءَ سان شادي ڪرڻ لاءِ حيدرآباد ويو هئس. ياد رهي ته زيد منير جي اغوا جو ڪيس شاهه فيصل ڪالوني ٿاڻي تي داخل ڪرايو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو