پنڪي ڪيس ۾ ڪيترائي معتبر نالا سامهون اچي سگهن ٿا: آءِ جي

پنڪي ڪيس ۾ ڪيترائي معتبر نالا سامهون اچي سگهن ٿا: آءِ جي

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) آءِ جي سنڌ پوليس جاويد عالم اوڍو چيو آهي ته انمول عرف پنڪي جي ڪيس ۾ ڪيترن ئي ماڻهن جا نالا سامهون اچي سگهن ٿا. ڪراچي چيمبر جي دوري جي موقعي تي واپارين سان ڳالهيون ڪندي آءِ جي سنڌ پوليس جاويد عالم اوڍو چيو ته سنڌ حڪومت جي تعاون سان منشيات جي خاتمي تي ڪم ڪري رهيا آهيون، هڪ هزار کان وڌيڪ ڏوهارين کي گرفتار ڪيو آهي. هن چيو ته منشيات استعمال ڪندڙ ۽ وڪرو ڪندڙن ۾ فرق آهي، جيڪو منشيات جو ڪم ڪي رهيو آهي انهن کي بخش نه ڪنداسين، ٽاسڪ فورس ٺاهي رهيا آهيون، هر شهري جو فرض آهي ته ڄاڻ فراهم ڪري.پنڪي ڪيس بابت ڳالهيون ڪندي جاويد عالم اوڍو چيو ته پنڪي گهڻو وقت لاهور ۾ گذاريو، انهي ڪيس ۾ ڪيترائي معتبر نالا آهن، ڪيترن ئي ماڻهن جا نالا سامهون اچي سگهن ٿا، پر منهنجي ميڊيا کي درخواست آهي ته پنڪي کي گليمرائز نه ڪريو ائين نه ٿئي ته انهي تي به فلم ٺهي وڃي.آءِ جي سنڌ وڌيڪ چيو ته ڪچي ۾ آپريشن نجات مهراڻ شروع ڪيو، 600 کان وڌيڪ ڌاڙيل مارجي ويا ڪيترائي گرفتار ڪيا ويا جڏهن ته ڪيترن ئي هٿيار ڦٽا ڪيا. هاڻ سنڌ ۾ ڪوبه نوگو ايريا نه آهي. جڏهن ته ڪراچي ۾ به امن امان جي صورتحال ماضي جي مقابلي ۾ ڪافي بهتر آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو