عيد کان اڳ ڪيترائي منصوبا مڪمل ڪنداسين

عيد کان اڳ ڪيترائي منصوبا مڪمل ڪنداسين

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب شهر ۾ هلندڙ مختلف ترقياتي منصوبن جو دورو ڪيو.هن قيوم آباد، ابراهيم حيدري ۽ ٻين علائقن جو دورو ڪيو. ان موقعي تي مرتضيٰ وهاب چيو ته اهي عيد کان اڳ ڪيترائي منصوبا مڪمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.مرتضيٰ وهاب چيو ته شهري حڪومت جي ڪمن مخالفن کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي، جيڪي پنهنجي دور ۾ تختيون به نه لڳائي سگهيا اهي اڄ پاڻ کي بين الاقوامي انجنيئر طور ظاهر ڪري رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو