ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) منشيات جي وڪرو ۾ ملوث هجڻ جي الزام ۾ گرفتار جوابدار انمول عرف پنڪي ڪيس ۾ اعليٰ پوليس آفيسرن جي ڪميٽي جو پهريون اجلاس ٿيو جنهن ۾ ڪيس بابت اهم فيصلا ڪيا ويا.
ڪميٽي جو اجلاس ايڊيشنل آءِٰ جي ڪراچي آزاد خان جي سربراهي ۾ ٿيو. اجلاس ۾ ڊي آءِ جيز اسد رضا، ظفر مهيسر، عامر فاروقي، شيراز نذير ۽ ايس ايس پي سميع الله سومرو شريڪ ٿيا.
ڊي آءِ جي سائوٿ اسد رضا ڪيس جي اڳڀرائي کان ڪميٽي کي تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو. اجلاس ۾ پنڪي جي بينڪ اڪائونٽس جو تفصيل سان جائزو ورتو ويو.
اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پنڪي کان منشيات خريد ڪري استعمال ڪندڙن کي ڪيسز ۾ گواهه بنايو ويندو. اهڙن ماڻهن سان رابطا ڪيا ويندا ۽ پنڪي جي خلاف رضاڪارانه بيان ڏيندڙ ماڻهو بطور گواهه ڪيس ۾ هوندا.
اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پنڪي جي اڪائونٽس ۾ رقم منتقلي، ڊيلرز نيٽ ورڪ جي سراغ لاءِ ٽيڪنيڪل وسيلا استعمال ڪيا ويندا. ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي ڪيس جي حوالي سان ايف آءِ اي، اي اين ايف سميت لاڳاپيل ادارن کي به خط لکڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي










