اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر)پاڪستان جي فوج هندستاني آرمي چيف طرفان پاڪستان کي عالمي جاگرافي مان ختم ڪرڻ واري ڌمڪي تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته هڪ خودمختيار ايٽمي پاڙيسري ملڪ کي جاگرافي مان مٽائڻ جي ڌمڪي ڏيڻ “ذهني صلاحيتن جي ڏيوالي ۽ جنگي جنون” جو اظهار آهي۔
آچر ڏينهن پاڪستان فوج جي ترجمان اداري ’آءِ ايس پي آر‘ طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته “اهڙي قسم جو جاگرافيائي خاتمو يقيناً ٻطرفو هوندو، ڇو ته هڪ ايٽمي رياست کي ٻي ايٽمي رياست کي دنيا جي نقشي تان مٽائڻ جهڙي ٻولي ڳالهائڻ بدران برداشت ۽ سنجيدگيءَ جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي۔”
ڇنڇر ڏينهن هندستاني فوج جي سالياني سول-ملٽري مباحثي “سينا سمواد 2026” ۾ ڳالهائيندي هندستاني آرمي چيف اُپيندرا دويدي Upendra Dwivedi کان پڇيو ويو ته جيڪڏهن پاڪستان اهڙو ڪجهه ڪري جو ٻيهر “آپريشن سندور” ڪرڻو پوي ته پاڪستان کي ڪهڙو جواب ڏنو ويندو؟
ان تي جنرل اُپندرا دويدي چيو ته “جيڪڏهن پاڪستان دهشتگردن جي سرپرستي جاري رکي ۽ هندستان مخالف سرگرمين کان باز نه آيو ته پوءِ کيس فيصلو ڪرڻو پوندو ته ڇا هو جاگرافي ۽ تاريخ جو حصو رهڻ چاهي ٿو يا نه۔”
پاڪستان فوج جي ردعمل ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته “پاڪستان عالمي سطح تي پنهنجي اهميت مڃرائي چڪو آهي، جڏهن ته اهو هڪ اعلانيل ايٽمي طاقت ۽ ڏکڻ ايشيا جي جاگرافي ۽ تاريخ جو اڻمٽ حصو آهي۔”
بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته “هندستاني فوج جي سربراهه جو اهو بيان ظاهر ڪري ٿو ته هندستاني قيادت اٺ ڏهاڪا گذرڻ باوجود نه پاڪستان جي تصور سان هم آهنگ ٿي سگهي آهي ۽ نه ئي ڪو سبق سکيو آهي۔”
آءِ ايس پي آر جي بيان موجب “هندستان ۾ موجود اهڙي ذهنيت سبب ڏکڻ ايشيا کي بار بار جنگين ۽ بحرانن ڏانهن ڌڪيو ويندو رهيو آهي۔ دهلي جو جارحاڻو انداز پاڪستان کي نقصان پهچائڻ ۾ ناڪامي ۽ مايوسيءَ تي ٻڌل آهي، جنهن کي معرڪه حق دوران پاڪستان وائکو ڪيو۔”
گذريل سال اپريل ۾ هندستان جي انتظام هيٺ ڪشمير جي سياحتي هنڌ پهلگام ۾ دهشتگرد حملي دوران 26 سياحن جي مارجڻ کان پوءِ هندستان پاڪستان اندر مختلف هنڌن تي هٿٺوڪين ’دهشتگردن جي ٺڪاڻن‘ کي نشانو بڻائڻ جي دعويٰ ڪئي هئي، جنهن کي “آپريشن سندور” جو نالو ڏنو ويو هو۔
ان کان پوءِ پاڪستان ۽ هندستان جي وچ ۾ چار ڏينهن واري ويڙهه شروع ٿي هئي، جنهن دوران فضائي جهڙپن ۽ هڪ ٻئي جي تنصيبات تي ميزائل حملن جون دعوائون ڪيون ويون هيون۔
هڪ سال دوران ٻنهي ملڪن جي سول ۽ فوجي قيادت ان چار ڏينهن واري جنگ ۾ ڪاميابيءَ جون دعوائون ڪندي رهي آهي۔ پاڪستان جو چوڻ رهيو آهي ته هن ويڙهه دوران هن هندستان جا جديد جنگي جهاز، جن ۾جديد رافال جنگي جهاز Dassault Rafale به شامل آهن، ڇهن کان وڌيڪ جهاز ڪيرايا۔ ٻي طرف هندستان دعويٰ ڪري ٿو ته پاڪستان ۾ دهشتگردن جي ٺڪاڻن سان گڏ ڪيترين فوجي تنصيبات ۽ ايئر بيسز ۽ ٻولهاڙي ۾ ايواڪس جهاز کي به نشانو بڻايو ويو۔
اهڙي صورتحال ۾ هندستان طرفان مستقبل ۾ ٻيهر ٽڪراءَ يا “آپريشن سندور” جي تسلسل بابت بيان سامهون ايندا رهيا آهن، جڏهن ته پاڪستان به اهڙن بيانن جي مقابلي لاءِ مڪمل تياريءَ جو عزم ظاهر ڪندو رهيو آهي۔
ڀارتي آرمي چيف فوجي مباحثي ۾ وڌيڪ ڇا چيو؟
هندستاني فوج جي سالياني سول-ملٽري مباحثي “سينا سمواد 2026” ۾ هندستاني فوج جو سربراهه اندروني ۽ بيروني خطرن ۽ مستقبل جي جنگي حڪمت عملي بابت عوام سان خيالن جي ڏي وٺ ڪندو آهي۔
تقريب کي خطاب ڪندي جنرل اُپندرا دويدي وڌيڪ چيو ته فوج ۽ شهرين جي وچ ۾ هم آهنگي مستقبل جي فوجي ڪارروائين ۽ قومي تيارين ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي۔
هن پاڪستان تي دهشتگردن ۽ جهادي تنظيمن کي پناهه ڏيڻ جو الزام لڳائيندي چيو ته پاڪستان ڏهاڪن کان کين پناهه ڏيندو رهيو آهي ۽ جڏهن هندستان ان تي ڪو ردعمل ڏيکاري ٿو ته پوءِ پاڪستان انڪار ڪري ڇڏيندو آهي۔
واضح رهي ته پاڪستان هندستاني فوجي سربراهن ۽ سول قيادت طرفان اهڙي قسم جي الزامن جي هميشه ترديد ڪندو رهيو آهي۔
جنرل اُپندر دويدي جو وڌيڪ چوڻ هو ته جديد جنگ ۽ قومي سلامتي جي رٿابندي بابت سڄي قوم جو هڪ گڏيل نقطه نظر هئڻ گهرجي۔
اهو پهريون موقعو ناهي جڏهن هندستاني آرمي چيف “آپريشن سندور” بابت ڳالهايو هجي۔ ان کان اڳ گذريل مهيني هڪ پوڊڪاسٽ ۾ هن چيو هو ته “آپريشن سندور” دوران هندستاني فوج نماز جي وقت حملو نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو۔
هڪ سوال جي جواب ۾ جنرل دويدي چيو ته “آپريشن دوران هڪ موقعي تي اسان پنهنجن هدفن کي تباهه ڪرڻ جي وقت جو تعين ڪري رهيا هئاسين۔” سندس چوڻ هو ته حملو رات ٻئي وڳي، چئين وڳي يا ڪنهن به وقت ٿي سگهي پيو۔
“پر اسان اهو يقيني بڻايو ته جڏهن ماڻهو نماز پڙهي رهيا هجن ته ان وقت عسڪريت پسندن جي ڪيمپن تي حملو نه ڪيو وڃي، ڇو ته سڀني جو خدا هڪ ئي آهي۔”
پاڪستان ۽ هندستان جي اڳواڻن جا جارحاڻا بيان
هڪ سال دوران هن معاملي تي ٻنهي ملڪن جي سول ۽ فوجي قيادت جي لهجن ۾ تلخي وڌندي وئي آهي ۽ هندستاني فوج جي سربراهه جو اهو بيان به انهيءَ سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي۔
هندستاني وزير دفاع راجناٿ سنگهه گذريل مهيني هڪ تقريب ۾ پاڪستان کي ڌمڪي ڏيندي چيو هو ته “آپريشن (سندور) اڃا ختم ناهي ٿيو۔۔۔ جيڪڏهن پاڪستان طرفان ڪنهن به قسم جي ناپاڪ حرڪت ڪئي وئي ته اسان جي فوج اهڙو جواب ڏيندي جيڪو هو ڪڏهن وساري نه سگهندا۔”
هندستاني وزير دفاع چيو هو ته پهلگام حملي ۾ 26 شهرين جي مارجڻ ذريعي هندستان جي “سماجي ڍانچي ۽ اتحاد تي حملو ڪيو ويو هو۔”
ان تي پاڪستان جي وزير دفاع خواجا آصف ايڪس تي هڪ پيغام ۾ چيو هو ته پاڪستان امن ۽ علائقائي استحڪام چاهي ٿو، پر پنهنجي خودمختياريءَ جو دفاع ڪندو۔
گذريل سال هندستاني وزير دفاع راجناٿ سنگهه چيو هو ته “اڄ شايد سنڌ جي سرزمين هندستان جو حصو ناهي، پر تهذيبي طور سنڌ هميشه هندستان جو حصو رهي آهي۔ ۽ جتي زمين جي ڳالهه آهي ته سرحدون بدلجي سگهن ٿيون۔ ڪير ٿو ڄاڻي، شايد سڀاڻي سنڌ ٻيهر هندستان ۾ شامل ٿي وڃي۔”
ان جي جواب ۾ پاڪستان جي دفتر خارجه چيو هو ته هندستان لاءِ بهتر ٿيندو ته هو پنهنجي ملڪ اندر ڪمزور ۽ اقليتي برادرين جي سلامتي يقيني بڻائي، انهن عنصرن جو احتساب ڪري جيڪي سندن خلاف تشدد کي هٿي ڏين ٿا، ۽ مذهبي تعصب ۽ تاريخي تحريف جي بنياد تي ٿيندڙ ناانصافين جو خاتمو ڪري۔










