سوات )ويب ڊيسڪ)سوات ۾ هڪ گاڏي هڪ اونهي کاهي ۾ ڪري پئي، حادثي ۾ 11 ماڻهو فوت ٿي ويا.ريسڪيو اختيارين موجب، گاڏي مالم جبه جي سير ٽيليگرام علائقي کان گنجير وڃي رهي هئي ته گاڏي گنجير ويجهو هڪ اونهي کاهي ۾ ڪري پئي.ريسڪيو اختيارين جو چوڻ آهي ته حادثي کان پوءِ مقامي ماڻهو ۽ ريسڪيو ٽيمون موقعي تي پهچي ويون ۽ 11 ماڻهن جا لاش ڪڍيا ويا، جڏهن ته 5 زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.ريسڪيو اختيارين موجب، فوتين ۽ زخمين ۾ عورتون ۽ ٻار شامل آهن، جن کي سيدو شريف اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.










