ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي شهر ۾ صبح سوير گرمي جي لهرن جي ڪري طبي ماهرن شهرين کي احتياطي اپاءَ وٺڻ جو مشورو ڏنو آهي. ان حوالي سان طبي ماهرن جو چوڻ آهي ته جيئن جيئن گرمي جي شدت وڌندي آهي، تيئن تيئن مختلف انفيڪشن جو خطرو وڌي ويندو آهي. شهري ٻاهرين کاڌي پيتي کان پاسو ڪن ۽ اُباليل پاڻي پيئن. ماهرن چيو آهي ته غير معياري مشروبات ۽ کاڌ خوراڪ معدي جي مسئلن جو سبب بڻجن ٿا، ۽ شهري گرمي دوران غير ضروري طور تي گهرن مان نه نڪرن. طبي ماهر چون ٿا ته هلڪي رنگ جا، ڍلا ڪپڙا پائڻ، ٻاهر نڪرڻ وقت پنهنجو مٿو ڍڪڻ، ۽ ڏينهن جي گرم ترين ڪلاڪن ۾ گهر کان ٻاهر نڪرڻ کان پاسو ڪريو. ماهرن چيو ته صبح جو 11 وڳي کان منجهند 3 وڳي تائين سڌي سج جي روشني کان پاڻ کي بچايو. اڄ ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته ڏکڻ وارن علائقن ۾ انتهائي گرم رهڻ جو امڪان آهي.










