سهيل آفريدي وڏو وزير رهندو، سندس خلاف مهم هلائيندڙ ناڪام ٿيندا: گوهر

سهيل آفريدي وڏو وزير رهندو، سندس خلاف مهم هلائيندڙ ناڪام ٿيندا: گوهر

پشاور(ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر جو چوڻ آهي ته سهيل آفريدي پنهنجي عهدي تي رهندو ۽ سندس خلاف مهم هلائيندڙ ناڪام ٿيندا، ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي بئريسٽر گوهر چيو ته سهيل آفريدي کي پي ٽي آءِ جي باني عمران خان ڪي پي جو وڏو وزير نامزد ڪيو آهي، ۽ سهيل آفريدي بهترين ڪم ڪري رهيو آهي.هڪ سوال جي جواب ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته سهيل آفريدي پنهنجي عهدي تي رهندو، ۽ سهيل آفريدي خلاف مهم هلائيندڙ مايوس ۽ ناڪام ٿيندا. هن وڌيڪ چيو ته سهيل آفريدي کي پارٽي جي مڪمل حمايت حاصل آهي، ۽ پي ٽي آءِ ۾ ڪو به فارورڊ بلاڪ ناهي.

پهنجو تبصرو موڪليو