لاهور )ويب ڊيسڪ)لاهور جي مختلف علائقن ۾ هلڪي ۽ تيز برسات موسم کي خوشگوار بڻائي ڇڏيو.لاهور سان گڏ اتر وزيرستان، گجرات، لوڌران، وهاڙي، بور والا، رحيم يار خان ۽ راجن پور ۾ به گجگوڙ سان برسات پئي.جهانيان ۾ برسات دوران ڀت ڪرڻ سبب ٽي ماڻهو زخمي ٿي پيا، جڏهن ته قمبر، شهدادڪوٽ، سکر ۽ شڪارپور ۾ تيز برسات سبب هيٺانهين علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا، جڏهن ته تيز هوائن کانپوءِ گهوٽڪي ۽ اوباڙو ۾ هلڪي برسات پئي.موسميات کاتي موجب، اڄ ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته اسلام آباد، پنجاب، خيبر پختونخوا، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير ۾ برسات ٿي سگهي ٿي.










