اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد جي نون ٿاڻي جي حد مان 4 لاش ملڻ کان پوءِ پوليس جاچ جي شروعات ڪري ڇڏي آهي.پوليس موجب قتل ٿي ويلن ۾ 2 مرد، هڪ عورت ۽ هڪ نينگر شامل آهي، چئني ڄڻن کي مٿي ۾ گوليون هڻي قتل ڪيو ويو آهي.پوليس موجب قتل ٿي ويلن ۾ مقتول حبيب الرحمان سيڪيورٽي گارڊ آهي جيڪو پنهنجي فيملي سان گڏ رهائش پذير هو. اطلاع ڏيندڙ سيڪيورٽي گارڊ ۽ پاڙي وارن جا بيان رڪارڊ ڪيا ويا آهن.










