اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ ميٽرو بس سروس سميت پرائيويٽ پبلڪ ۽ گڊز ٽرانسپورٽ معطل ڪئي وئي آهي.انتظاميه موجب راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ پرائيويٽ پبلڪ ۽ گڊز ٽرانسپورٽ ٻئي حڪم اچڻ تائين معطل رهندي. ميٽرو بس انتظاميه موجب بس سروس پمز اسٽيشن کان پاڪ سيڪريٽريٽ تائين مڪمل بند آهي جيڪا ٻئي حڪم اچڻ تائين بند رهندي. جڏهن ته ميٽرو بس سروس صدر اسٽيشن کان ڪچهري تائين فعال آهي.ٻئي طرف ٽريفڪ پوليس شهرين کي ٽريفڪ روٽس جي حوالي کان به آگاهه ڪيو ۽ ٻڌايو ته ريڊ زون ۽ توسيعي ريڊ زون هر قسم جي ٽريفڪ جي لاءِ مڪمل طور تي بند رهندو.پوليس موجب ڪورال کان زيرو پوائنٽ تائين ايڪسپريس وي هر قسم جي ٽريفڪ لاءِ بند هوندو. سري نگر هاءِ وي تي به مختلف وقتن تي ٽريفڪ روڪي سگهجي ٿي. اسلام آباد ۾ ڪنهن به روڊ تان ايندڙ هر قسم جي هيوي ٽريفڪ جو داخلا بند رهندو.پوليس هدايت ڪئي ته هيوي ٽريفڪ مالڪ هنن ڏينهن ۾ پريشاني کان بچڻ جي لاءِ اسلام آباد جي طرف سفر نه ڪن، اسلام آباد جا رهائشي روڊ بند هجڻ جي صورت ۾ متبادل ٽريفڪ پلان تي عمل ڪن.










