ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪوئٽا جو اوپنر شامل حسين شاهين جي پهرين اوور ۾ ئي بنا رن ٺاهڻ جي سڪندر رضا هٿان ڪيچ ٿيو،ٽئين اوور ۾ شهاين رائلي روسو جي ايل بي دبليو جي اپيل ڪئي ۽ ان دوران رن وٺڻ جي چڪر ۾ سعود شڪيل هڪ رن ٺاهي اسلانڪا جي سڌي ٿرو تي رن ائوٽ ٿيو. جنهن بعد حسن نواز ۽ رائلي روسو جي 104 رنز جي پارٽنرشپ لڳي. روسو پي ايس ايل ۾ 12 هين ففٽي مڪمل ڪئي ۽ حسن نواز 32 بالن تي ٻن ڇڪن ۽ 6 چوڪن جي مدد سان 32 بالن تي 49 رنز ٺاهي سڪندر رضا جي بال تي حسيب کيس اسٽمپ آئوٽ ڪيو. رائلي روسو شاندار اسٽروڪ کيڏيا. جنهن بعد وڪٽ ڪيپر دنيش چندي مل آيو جيڪو3 رنز ٺاهي حارث رئوف جي بال تي بولڊ ٿيو. جنهن بعد بيون جيڪبز آيو، جنهن 2 ڇڪا هڻي ميچ کٽائي ورتي. ڪوئٽا لاهور کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏني. رائلي روسو 60 رنز تي ناٽ آئوٽ رهيو، هن 2 ڇڪا ۽ 5 چوڪا هنيا. پي ايس ايل جو 26 هون ميچ لاهور ۽ ڪوئٽا ۾ کيڏيو پيو وڃي. شاهين آفريدي ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو جيڪو کين مهانگو پيو. ٻئي اوور ۾ محمد نعيم کي 4 رنز تي جهانداد خان بولڊ ڪيو. ٽئين اوور ۾ فخرالزمان 20 رنز ٺاهي الزاري جوزف جي بال تي بولڊ ٿيو، چيرٿ اسلانڪا 6 رنز ٺاهي الزاري جوزف جي بال تي عثمان طارق هٿان ڪيچ ٿيو. محمد فاروق کي ثاقب خان 2 رنز تي ايل بي ڊبليو ڪيو، 11هين اوور ۾ 60 جي اسڪور تي عبدالله شفيق 17 رنز ٺاهي عثمان طارق جي بال تي ڪيپر دنيش چنديمل هٿان اسٽمپ آئوٽ ٿيو، ساڳئي اوور ۾ شاهين آفريدي بنا رن ٺاهن جي سعود شڪيل هٿان ڪيچ ٿيو. سڪندر رضا ۽ حسيب الله اسڪور اڳتي وڌايو پر لاهور جي ڪيمپ ۾ مايوسي وڌندي وئي. سڪندر رضا کي 15 رنز ٺاهي عثمان طارق جي بال تي بولڊ ٿي ويو. 84 رنز تي 7 وڪيٽون ڪري پيون. حسيب الله 34 بالن تي 24 رنز اهي رن آئوٽ ٿيو. 19 هين اوور ۾ جوزف کي 24 رنز پيا ۽ اسامه مير کيس 2 ڇڪا هنيا، جيڪي لاهور جي پوري اننگ جا پهريان ڇڪا هئا. اسامه 7 بالن تي 22 رنز ٺاهي جهانداد جي بال تي رائلي روسو هٿان ڪيچ ٿيو. ٻئي بال تي ساڳئي بالر جي ساڳئي فيلڊر هٿان حارث رئوف آئوت ٿيو ۽ لاهور 19.5 اوورن م 134 رنز ٺاهي آئوٽ ٿي وئي. ياد رهي ته راولپنڊي اڳ ۾ ايندڙ مرحلي مان آئوٽ ٿي وئي آهي، ڪوئٽا، ڪراچي، حيدرآباد ۽ لاهور مان ڪابه هڪ ٽيم ايندڙ مرحلي ۾ ويندي.
پوائنٽ ٽيبل
رستم ۾ هٿياربندن جي فائرنگ،اهلڪار شهيد
فيلڊ مارشل امن جي ثالثي لاءِ تهران ويو،ڪو به دفاعي معاهدو نه هو
بيريئر هٽائڻ وارو ڪيس، ايمان ۽ هادي کي 10 سال قيد جي سزا
بلوچستان ۾ آپريشن، هڪ دهشتگرد مارجي ويو
سپريم ڪورٽ بار چونڊون، ڪراچي ۾ پولنگ دير جو شڪار
اسرائيلي چونڊون، نيتن ياهو اتحاد سادي اڪثريت حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام
ڏانو ڌانڌل ۾ ايمبولينس ۾ سلينڊر ڦاٽڻ سبب 9 فوت 3 زخمي
انگور اڊا واقعي بابت طالبان جو بيان ڪوڙو قرار
بلوچستان ۾ ٽرين آپريشن اڄ هڪ ڏينهن لاءِ معطل
عمران خان لاءِ سٺا ڏينهن نظر نٿا اچن: وساڻ جي اڳڪٿي
بئنڪن ۾ ڪيش ٽرانزيڪشن جي رپورٽنگ جي حد ۾ واڌ
نورين نيازي جي طبيعت خراب، جيل مان اسپتال منتقل
ٽيسٽ ڪرڪيٽ سالگرهه، پاڪستان جي ٽن اڳوڻن ڪپتانن کي دعوت
وڪي عملي طور، مان نظرياتي طور سمجهدار آهيان: ڪترينا ڪيف
آئيني ترميمون ۽ عدليه جي آزادي
سنڌيار ڪراچي 29 آڪٽوبر 2026ع
سنڌيار سکر 29 آڪٽوبر 2026ع
پيٽرول ۽ ڊيزل جا اگهن ۾ واڌ
اسپين ۾ تيز رفتار ريل گاڏين جو ٽڪر، فوتين جو انگ 68 ٿي ويو
سنڌ ۾ ڪاروبار کي هٿي وٺرائڻ لاءِ سڌارن جو اعلان










