هري پور: گئس پائيپ لائين ڦاٽڻ سبب ڌماڪو، 8 ڄڻا فوت

هري پور: گئس پائيپ لائين ڦاٽڻ سبب ڌماڪو، 8 ڄڻا فوت

هري پور: (ويب ڊيسڪ) هري پور جي هٽار انڊسٽريل اسٽيٽ ۾ گئس پائيپ لائين ڦاٽڻ سبب باهه لڳڻ جي واقعي ۾ اٺ ماڻهو فوت ٿي ويا.ڊي پي او هري پور شفيع الله گنڊاپور موجب باهه لڳڻ جي واقعي ۾ اٺ ماڻهو زخمي به ٿيا آهن. فوت ۽ زخمين جو تعلق هڪ ئي خاندان سان آهي.ڊي پي او چيو ته صنعتي اسٽيٽ ۾ گئس پائيپ لائين ڦاٽڻ سبب باهه لڳي. باهه وسائڻ ۾ پنجن ضلعن جي فائر برگيڊ حصو ورتو. پوليس به ريسڪيو ۽ فائر برگيڊ سان گڏ امدادي ڪاررواين ۾ حصو ورتو.شفيع الله گنڊاپور موجب ڪوٽ نجيب الله اسپتال ۾ پنج لاش آندا ويا ۽ ٽي ٽراما سينٽر ۾ آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو