ايران ۽ آمريڪا جا رنڊيل معاملا حل ڪرائڻ لاءِ ڪوشش ڪريون پيا

ايران ۽ آمريڪا جا رنڊيل معاملا حل ڪرائڻ لاءِ ڪوشش ڪريون پيا

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته انساني جانيون بچائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهنداسين. وزيراعظم جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا اجلاس ٿيو، جنهن ۾ شهباز شريف ڪابينا ميمبرن کي ايران – آمريڪا ڳالهين ۾ پاڪستان جي ڪوششن کان آگاهه ڪيو.وزيراعظم چيو ته ايران ۽ آمريڪا کي ڏهاڪن کانپوءِ آمهون سامهون ويهارڻ جو سهرو پاڪستان کي وڃي ٿو، ڳالهين ۾ اڳڀرائي لاءِ پراميد آهيون، ايران ۽ آمريڪا جا رنڊيل معاملا حل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. وفاقي ڪابينا ايران – آمريڪا ڳالهين لاءِ وزيراعظم جي ڪوششن کي ساراهيو، جڏهن ته نائب وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل جي ڪردار جي به واکاڻ ڪئي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو