گجرانوالا: (ويب ڊيسڪ) پهلوانن جي شهر گجرانوالا ۾ هڪ مبينا پوليس مقابلي دوران هڪ جوابدار مارجي ويو جڏهن ته ٻئي کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو.پوليس موجب، فيروز والا پوليس اسٽيشن جي علائقي ۾ ننڍي عمر جي ڇوڪرين سان زيادتي ڪندڙ جوابدار پنهنجي ساٿين جي فائرنگ ۾ مارجي ويو. مقتول جوابدار جي سڃاڻپ لياقت علي عرف مٺو جي نالي سان ڪئي وئي آهي. مقتول جوابدار ننڍي عمر جي ڇوڪرين سان زيادتي ڪندو هو.پوليس جو چوڻ آهي ته هڪ ٻي ڪارروائي ۾ چوري ۽ ڦر جي واقعن ۾ ملوث جوابدار کي به گرفتار ڪيو ويو آهي. گرفتار جوابدار جي سڃاڻپ طيب جي نالي سان ڪئي وئي آهي، جنهن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي.










