عوامي رليف جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون: وزيراعطم

عوامي رليف جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون: وزيراعطم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ملڪ جون ضرورتون پوريون ڪرڻ جي لاءِ تيل جا مناسب ذخيرا موجود آهن، حڪومت عوام کي رليف ڏيڻ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي.
وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ پيٽروليم شين تي سبسڊي لاڳو ٿيڻ تي اڳڀرائي جو جائزه اجلاس ٿيو جنهن ۾ وفاقي وزيرن ۽ لاڳاپيل اختياريون شريڪ ٿيون. انٽيليجنس بيورو حڪومتي ڪفايت شعاري ۽ سادگي وارن قدمن کي لاڳو ڪرڻ واري رپورٽ پيش ڪئي. اجلاس کي سبسڊي فراهمي ۽ اڳڀرائي سان گڏوگڏ ملڪ ۾ پيٽروليم شين جي ذخيرن ۽ کپت تي به بريفنگ ڏني وئي.
انهي موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته مسافر بسن کي هڪ لک روپيه ماهوار سبسڊي فراهم ڪئي پئي وڃي. جڏهن ته مني بس ۽ ويگنن کي 40 هزار روپيه ماهوار، مال بردار گاڏين کي 80 هزار ۽ ڊيليوري وينن کي 35 هزار روپيه سبسڊي ڏني پئي وڃي.
هن ٻڌايو ته عام واهپي وارين شين جي قيمتن ۾ اضافو روڪڻ جي لاءِ ٽرڪن کي 70 هزار روپيه ماهوار سبسڊي ڏني پئي وڃي. نظام ۾ شفافيت لاءِ اها رقم ڊيجيٽل والٽس جي ذريعي فراهم ڪئي پئي وڃي.هن چيو ته بلوچستان حڪومت قومي پيڪيج جي طئي ٿيل رقم جمع ڪرائي ڇڏي آهي جيڪو تعريف جوڳو قدم آهي. اميد آهي ته ٻيا صوبا به انهي پيڪيج جي لاءِ جلد کان جلد طئي ٿيل رقم جمع ڪرائيندا.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته گذريل ٽن هفتن ۾ 128 ارب روپين جو عوامي ريليف پيڪيج ڏنو ويو. مشڪل جي هن گهڙي ۾ ڪنهن به صورت ۾ عوام کي اڪيلو نٿا ڇڏي سگهون. پيٽرول ليوي ۾ فوري طور تي 80 روپيه في ليٽر جي گهٽتائي ڪري عوام کي رليف ڏنو ويو. جڏهن ته پاڪستان ريلوي 6 ارب روپين جي سبسڊي فراهم ڪري رهي آهي، مسافر ٽرينن ۽ مال گاڏين جي ڀاڙن ۾ ڪنهن به قسم جو اضافو نه پيو ڪيو وڃي. ٽول ٽيڪس ۾ ٽه ماهي 25 سيڪڙو اضافو به واپس ورتو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو