ملڪ ۾ طوفاني برسات، ڪيترن ئي هنڌن تي ٻوڏ

ملڪ ۾ طوفاني برسات، ڪيترن ئي هنڌن تي ٻوڏ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان ۾ طوفاني برساتن جو سلسلو جاري آهي.اسلام آباد ۾ ڳڙي پئي ۽ برسات سبب موسم ٿڌي ٿي وئي، ان کان علاوه لاهور، راولپنڊي، مري، سرگوڌا، گجرات، سيالڪوٽ ۽ گوجرانوالا ۾ تيز برساتون ٿيون.ميانوالي ۾ ڪنڊل ڇڙو والا ۾ ڪرم درياءَ جو وهڪرو وهي ويو ۽ گهرن ۾ پاڻي ڀرجي ويو.ٻئي طرف ناران، سوات، بابو سرتاپ ۽ نانگا پربت ۾ وقفي وقفي سان برفباري ٿي رهي آهي. خيبرپختونخواهه جي مختلف ضلعن ۾ به برسات پئي. پاراچنار ۾ ڪرم درياءَ تي پل سان لڳل روڊ وهي ويو، ۽ گهر جي ڇت ڪرڻ ۽ بجلي ڪرڻ سبب ٻه ماڻهو فوت ٿي ويا.خيبر ۾ پاڪ-افغان هاءِ وي تي هڪ گاڏي ٻوڏ ۾ وهي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ ٽي ماڻهو فوت ٿي ويا.ان دوران بلوچستان جي اترين ضلعن ۾ برسات ۽ مٿانهين علائقن ۾ هلڪي برفباري موسم کي وڌيڪ ٿڌو ڪري ڇڏيو آهي، ۽ مختلف حادثن ۾ پنج ماڻهو فوت پڻ ٿيا آهن.آزاد ڪشمير ۾ برسات جاري آهي، ۽ خيبرپختونخواهه ۾ 6 کان 9 اپريل تائين برساتن جو هڪ نئون سلسلو شروع ٿيڻ جو امڪان آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو