ڪنڌڪوٽ (غالب بلوچ) منھنجا والدين منھنجو زبردستي نڪاح ٽوڙائي مون کي وڪرو ڪرڻ جي ڪشش ڪري رھياآھن.منھنجي قتل ٿيڻ جون ڪوڙيون اڦواهون ڦهلائي منھنجي مڙس ۽ ساھورن مٿان ڪوڙوڪيس داخل ڪري پوليس ھٿان تنگ ڪرايوپيو وڃي. اھڙو اظھار بڊاڻي جي رھواسڻ مسمات ھميره سانگھي ميڊيا اڳيان دانھيندي چيو ته مان پنھنجي مڙس اصغرعلي ڀٽوسان خوش زندگي گذاريان پئي ۽ منھنجي والدين پاران منھجونڪاح ٽوڙائي کين وڪروڪرڻ لاءِ مختلف قسم جا ڪوڙا ڊراما ڪندي کين پوليس کان ناجائز تنگ ڪرائي رھيا آھن. ھن وس وارن کي اپيل ڪندي چيوته بڊاڻي پوليس پاران منھجي مڙس ۽ سھرن مٿان منھجي پيءَ غلام ياسين سانگھي پاران ڪوڙاڪيس داخل ڪرڻ خلاف انڪوائري ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.










