اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پرڏيهي وزارت جي ترجمان طاهر اندرابي چيو آهي ته پاڪستان آمريڪي قيادت سان ويجهن رابطن ۽ مسلسل سفارتي مشاورت ۾ مصروف آهي.اسلام آباد ۾ هفتيوار بريفنگ جي دوران پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو ته وزيراعظم ۽ نائب وزيراعظم جي مختلف ملڪن جي هم منصبن سان رابطا ٿيا، پاڪستان جي خطي ۾ امن جي قيام لاءِ ڪوششون جاري آهن. هن چيو ته سعودي عرب، ترڪيه ۽ مصر جي پرڏيهي وزيرن پاڪستان جو دورو ڪيو جنهن دوران خطي جي صورتحال تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون.ترجمان جو چوڻ هو ته وچ اوڀر ۾ جاري ڇڪتاڻ خطرناڪ آهي، سفارتڪاري امن جو واحد رستو آهي جڏهن ته آمريڪي قيادت سان ويجهن رابطن ۽ مسلسل سفارتي مشاورت ۾ مصروف آهيون. طاهر اندراني وڌيڪ چيو ته موجوده صورتحال ۾ نائب وزيراعظم جو چين جو دورو اهميت جوڳو آهي، پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ وچ اوڀر جي صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ٿي جڏهن ته بحري رستن خاص طور تي آبنائي هرمز ۾ جهاز راني جي تحفظ کي يقيني بنائڻ جي ضرورت تي به زور ڏنو ويو.ترجمان جو چوڻ هو ته چين ۽ پاڪستان جي گڏيل پنج نڪتن تي ٻڌل امن منصوبي کي عالمي ۽ خطي ۾ ڀرپور موٽ ملي. منصوبو ايران، آمريڪا ۽ ٻين لاڳاپيل ڌرين تائين پهچايو ويو. آمريڪي قيادت به پاڪستان جي سفارتي ڪوششن جي تعريف ڪئي. هن چيو ته ايران ۽ آمريڪا پاڪستان تي ڀروسي جو اظهار ڪندي سهولتڪاري جي ڪردار جي تعريف ڪئي جڏهن ته ايندڙ مرحلي ۾ لاڳاپيل ڌرين جي وچ ۾ نتيجا ڏيندڙ ڳالهين تي ڌيان ڏنو ويندو.










