نوابشاهه (اي ڪي ڏاھري) پ پ شهيد ڀٽو نوابشاهه پاران شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ سندس شهيد ساٿين جي قتل ڪيس ۾ انصاف نه ملڻ ۽ قاتلن کي بري ڪرڻ واري فيصلي خلاف پريس ڪلب سامھون احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. انهي موقعي تي ضلعي صدر اڪبر سوڍر، نجيب چانڊيو، انور عباسي ۽ ٻين ڪارڪنن قاتلن خلاف سخت نعريبازي ڪندي چيو ته شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي قتل ڪيس ۾ انصاف نه ملڻ قانون ۽ انصاف جو قتل آهي اعليٰ عدالتن جي ملڪ ۾ ٻين جا ڪيس هلائڻ ۽ وقار لاءِ سوموٽو ايڪشن کنيو وڃي ٿو ليڪن شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ سندس ساٿين جي قتل ڪيس تي ڪو به ايڪشن نٿو کنيو وڃي. هنن پاڪستان جي حڪومت ۽ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان کان مطالبو ڪيو ته شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي قتل ڪيس ۾ انصاف ڪيو وڃي.










