ڪي پي ۾ فورسز جون ڪارروايون، 13 خارجي مارجي ويا

ڪي پي ۾ فورسز جون ڪارروايون، 13 خارجي مارجي ويا

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) سيڪيورٽي فورسز خيبر پختونخواه ۾ ٻن الڳ الڳ ڪارروائين ۾ 13 خارجي مارجي ويا.انٽر سروسز پبلڪ رليشنز (آءِ ايس پي آر) موجب، فورسز باڙه ۽ بنون علائقن ۾ آپريشن ڪيا. باڙه ۾ انٽيليجنس تي ٻڌل آپريشن ۾ 10 خارجي مارجي ويا، جڏهن ته بنون ضلعي ۾ هڪ آپريشن دوران 3 خارجي مارجي ويا.آءِ ايس پي آر چيو ته علائقي ۾ خارجين جي خاتمي لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آهن. وزيراعظم شهباز شريف خيبر پختونخواه ۾ 13 خوارج جي قتل تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته فورسز پيشه ورانه صلاحيتن سان بنون ۽ باڙه ۾ دهشتگردن کي ماريو. سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي خلاف سيسي جي ڀت وانگر آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو