صدر سان وزيراعظم جي ملاقات، ملڪي صورتحال تي تفصيلي ڳالهيون

صدر سان وزيراعظم جي ملاقات، ملڪي صورتحال تي تفصيلي ڳالهيون

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) صدرِ مملکت آصف علي زرداری سان وزيرِاعظم محمد شہباز شريف اهم ملاقات ڪئي، جنهن دوران ملڪ جي مجموعي صورتحال تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون۔
ملاقات ۾ نائب وزيرِاعظم اسحاق ڊار، اڳوڻي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداری ۽ گهرو وزير محسن نقوی پڻ شريڪ ٿيا، جڏهن ته قومي سلامتي جو صلاحڪار ليفٽيننٽ جنرل عاصم ملڪ به اجلاس ۾ موجود هو۔
اجلاس دوران قومي سلامتي جي مجموعي صورتحال تي تفصيلي خيال ونڊيا ويا۔ شرڪت ڪندڙن خطي ۾ تبديل ٿيندڙ صورتحال ۽ ان جي پاڪستان تي پوندڙ اثرن جو به جائزو ورتو.
ملاقات ۾ معاشي، توانائي ۽ سيڪيورٽي چئلينجز تي به صلاح مشورا ڪيا ويا، جڏهن ته قومي سطح تي گڏيل حڪمتِ عملي ۽ ادارن وچ ۾ بهتر هم آهنگي تي زور ڏنو ويو۔

پهنجو تبصرو موڪليو