ارٿ آور جي موقعي تي ڪلاڪ لاءِ بتيون بند رکڻ جي اپيل

ارٿ آور جي موقعي تي ڪلاڪ لاءِ بتيون بند رکڻ جي اپيل

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) صدر آصف علي زرداري، ارتھ آور جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾، عوام کي هڪ ڪلاڪ لاءِ بتيون بند ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته ماحول جي حفاظت لاءِ اجتماعي قدم کڻڻ ضروري آهن.صدر چيو ته “Give an Hour for Earth” عوام کي پنهنجي طرز زندگي تي غور ڪرڻ جي دعوت ڏئي ٿو، جڏهن ته هڪ ڪلاڪ لاءِ علامتي بندش عملي ماحولياتي قدمن لاءِ هڪ ترغيب آهي.هن چيو ته پاڪستان موسمياتي تبديلي کان سخت متاثر ٿيندڙ ملڪن ۾ شامل آهي ۽ تازو ٻوڏ، گرمي جي لهر ۽ خشڪي وڏا چئلينج آهن.هن چيو ته بدلجندڙ موسمي نمونن جي ڪري هاري غير يقيني صورتحال کي منهن ڏئي رهيا آهن، جڏهن ته شهرن ۾ وڌندڙ گرمي پد بجلي جي نظام تي دٻاءُ وجهي رهيو آهي.صدر زرداري چيو ته پاڻي جي دستيابي ۾ گهٽتائي ۽ ٻوڏ جي ڪري انفراسٽرڪچر متاثر ٿي رهيو آهي.هن وڌيڪ چيو ته عالمي اخراج ۾ پاڪستان جو حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي پر خطرا وڌيڪ آهن.هن چيو ته پاڪستان پيرس معاهدي جي مقصدن کي لاڳو ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي ۽ صاف توانائي ڏانهن منتقلي لاءِ ڪم جاري آهي. هن چيو ته گرين پاڪستان پروگرام ٻيلن جي ڍڪ کي وڌائي رهيو آهي ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪري رهيو آهي.صدر چيو ته ارتھ آور جي موقعي تي، هر فرد کي پنهنجي ماحولياتي اثر کي گهٽائڻ جي ضرورت آهي ۽ ماڻهن کي توانائي بچائڻ ۽ ماحول دوست طرز زندگي اختيار ڪرڻ جي اپيل ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو