ٽريڪٽر ٽرالي جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر، پٽ فوت، پيءَ زخمي

ٽريڪٽر ٽرالي جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر، پٽ فوت، پيءَ زخمي

نوابشاهه (اي ڪي ڏاھري) قاضي احمد روڊ جي غازي خان هوت اسٽاپ ڀرسان موٽر سائيڪل ۽ ٽريڪٽر ٽرالي جو پاڻ ۾ ٽڪر ٿي پيو جنهن ۾ 16 ورهين جو نينگر شاهد احمد خاصخيلي فوت ٿي ويو ۽ سندس والد 50 ورهين جو غلام مصطفيٰ خاصخيلي شديد زخمي ٿي پيو. زخمي ۽ فوتي کي پي ايم يو اسپتال نوابشاهه آندو ويو جتي ڊاڪٽر زخمي جي حياتي بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن جڏهن ته ٽريڪٽر ٽرالي ڊرائيور فرار ٿي ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو