ٽانڪ: (ويب ڊيسڪ) سيڪيورٽي خدشن جي ڪري ٽانک ۾ ڪرفيو لاڳو ڪيو ويو آهي.ضلعي انتظاميا پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب صبح 6 وڳي کان شام 6 وڳي تائين ڪرفيو لاڳو ڪيو ويو آهي، ڏکڻ وزيرستان وانا ۽ جنڊولا هاءِ وي هر قسم جي ٽريفڪ لاءِ بند ڪيا ويا آهن.نوٽيفڪيشن موجب ڊيرا اسماعيل خان هاءِ وي به ڪرفيو جي ڪري بند رهندو، جنڊولا ميلو ملتوي ڪيو ويو آهي، رانول بازار ۽ جنڊولا بازار به ڪرفيو جي ڪري بند ڪيا ويا آهن.










