وزيراعظم جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ توانائي بحران تي بحث

وزيراعظم جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ توانائي بحران تي بحث

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس ۾ وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال، توانائي بحران ۽ ٻين معاملن تي غور ڪيو پيو وڃي.ذريعن موجب وزيراعظم هائوس ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ علائقائي صورتحال ۽ سيڪيورٽي معاملن تي بحث ڪيو پيو وڃي.ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ ايران تي آمريڪي حملي کان پوءِ پيدا ٿيندڙ صورتحال جو جائزو ورتو پيو وڃي. اجلاس ۾ وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال، توانائي بحران ۽ ٻين معاملن تي به بحث ڪيو پيو وڃي.ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان پاران وچ اوڀر جي جنگ کي حل ڪرڻ لاءِ اجلاس جي ميزباني ڪرڻ بابت به بحث ٿي رهيو آهي، جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف جي اڄ شام صدر آصف علي زرداري سان ملاقات جو امڪان پڻ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو