لاهور: (ويب ڊيسڪ) آمريڪا، اسرائيل ۽ ايران جي وچ ۾ ڇڪتاڻ سبب اڄ ملڪ جي مختلف حصن مان وچ اوڀر ڏانهن 71 اڏامون رد ڪيون ويون.لاهور، اسلام آباد ۽ پشاور کان العين ۽ فجيره لاءِ 18 اڏامون رد ڪيون ويون آهن، جڏهن ته ڪراچي کان دوحا، بحرين، ابوظهبي ۽ دبئي لاءِ 9 اڏامون رد ڪيون ويون آهن.
لاهور کان دوحا، بحرين، نجف، ڪويت، دبئي، فجيره ۽ العين لاءِ 25 اڏامون رد ڪيون ويون آهن، جڏهن ته اسلام آباد کان دوحا، العين، فجيره، ابوظهبي، بحرين ۽ ڪويت لاءِ 23 اڏامون به اڏام نه ڪري سگهيون آهن.
پشاور کان فجيره، دوحا، دبئي ۽ ابوظهبي لاءِ 10 اڏامون ردڪيون ويون آهن، جڏهن ته فيصل آباد کان دبئي، شارجه ۽ جده لاءِ 12 اڏامون آپريشنل آهن.










