اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) حڪومت مني لانڊرنگ ۽ حوالا هنڊي خلاف وڏي ڪريڪ ڊائون شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.گهرو وزير محسن نقوي ۽ ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب جي صدارت هيٺ هڪ خاص اجلاس ٿيو جنهن ۾ مني لانڊرنگ ۽ حوالا هنڊي مافيا خلاف مڪمل ڪريڪ ڊائون شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته غير قانوني طريقن سان پئسا پرڏيهه موڪلڻ وارن وڏن ڪاروباري ماڻهن ۽ ادارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ ان سلسلي ۾ ڪنهن به وڏي فرد يا اداري سان ڪا به رعايت نه ڪئي ويندي.اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته فنڊ صرف بينڪنگ ۽ ٻين قانوني ذريعن ذريعي ٻاهرين ملڪ موڪلي سگهجن ٿا، جڏهن ته مني چينجرز ذريعي فنڊ جي منتقلي جي عمل کي به آسان بڻايو ويندو.ان کان علاوه، پرڏيهه ۾ پئسا موڪلڻ جي پوري طريقيڪار کي شفاف ۽ فول پروف بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ان حوالي سان چيو ويو ته غير قانوني طريقن سان پئسا منتقل ڪرڻ جي سڀني چينلن کي هر سطح تي حوصلا شڪني ڪئي ويندي.اجلاس دوران زور ڏنو ويو ته وڏن مني لانڊرنگ ڪندڙن تي سخت هٿ رکيو ويندو ۽ حوالا هنڊي جو ڪاروبار ڪنهن به حالت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو. ان مقصد لاءِ اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان ۽ وفاقي جاچ اداري تي مشتمل هڪ گڏيل ورڪنگ گروپ ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جيڪو باقاعدگي سان سڀني لاڳاپيل معاملن تي پيش رفت جو جائزو وٺندو.اجلاس ۾ اسٽيٽ بينڪ جي گورنر پاران بينڪنگ چينلز ذريعي فنڊ جي منتقلي جي نظام بابت بريفنگ ڏني وئي، جڏهن ته ڊي جي ايف آءِ اي، اسٽيٽ بينڪ جي گورنر ۽ وفاقي سيڪريٽري فنانس پڻ شرڪت ڪئي.










