رحيم يار خان: (ن س) رحيم يار خان جي ڀرپاسي ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام مان پئسا گڏ ڪرڻ لاءِ آيل عورتن جي ڇت ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 5 عورتون فوت ۽ 55 زخمي ٿي پيون.ريسڪيو عملدارن موجب، هي افسوسناڪ واقعو مضافات ۾ چڪ نمبر 125 جي ويجهو هڪ مارڪيٽ ۾ پيش آيو، جتي 200 کان وڌيڪ عورتون جيڪي پنهنجي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي قسطن حاصل ڪرڻ لاءِ آيون هيون، هڪ پرچون دڪان جي ڇت تي موجود هيون.اختيارين موجب، عورتون مدد جي انتظار ۾ هيون ته اوچتو ڪمزور ڇت ڪري پئي، جنهن جي ڪري ڪيتريون ئي عورتون ملبي هيٺان دٻجي ويون. ريسڪيو ٽيمون واقعي واري هنڌ پهچي ويون ۽ امدادي ڪارروايون شروع ڪري ڇڏيون، ۽ زخمي عورتن کي فوري طور تي شيخ زيد اسپتال منتقل ڪيو پيو وڃي.ضلعي انتظاميا موجب حادثي کانپوءِ شيخ زيد اسپتال ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي، جڏهن ته واقعي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي.










