اسلام آباد (بيورو رپورٽ)حڪومت گاسليٽ جي قيمت ۾ 39.20 رپيا في ليٽر واڌ ڪري ڇڏي آهي، گاسليٽ جي نئين قيمت 358.1 رپيا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.وفاقي حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل تي پيٽروليم ليوي برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي.پيٽرول تي ليوي 105.37 رپيا في ليٽر ۽ ڊيزل تي 55.24 رپيا في ليٽر برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.توانائي واري وزارت جو چوڻ آهي ته حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن کي برقرار رکندي 23 ارب رپين جي سبسڊي ادا ڪندي. 23 ارب رپين جي سبسڊي 14 مارچ کان 20 مارچ تائين ادا ڪئي ويندي. پيٽرول جي قيمت 49.63 رپيا في ليٽر هوندي، جڏهن ته ڊيزل جي قيمت 75.5 رپيا في ليٽر هوندي.توانائي واري وزارت جو چوڻ آهي ته اها رقم تيل مارڪيٽنگ ڪمپنين کي قيمت جي فرق جي دعويٰ جي طور تي ادا ڪئي ويندي، 23 ارب رپين جي قيمت جي فرق جي دعويٰ اوگرا ادا ڪندي.توانائي واري وزارت چيو ته ڪابينا وزيراعظم جي ڪفايت شعاري فنڊ جي قيام جي منظوري ڏني آهي، ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي هن فنڊ ۾ 27.1 ارب رپيا منتقل ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي، قيمت جي فرق جي ادائيگي جي طريقيڪار ۾ او ايم سيز کان وصول ٿيندڙ بلن جي تصديق ۽ آڊٽ پڻ شامل هوندو.










