پاڪ فوج جي ڪاروائي، قنڌار ايئر فيلڊ جي تيل جو  ذخيرو تباهه

پاڪ فوج جي ڪاروائي، قنڌار ايئر فيلڊ جي تيل جو ذخيرو تباهه

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان فوج آپريشن غضب للحق تحت افغانستان ۾ جوابي حملا ڪري رهي آهي.12 ۽ 13 مارچ جي رات قندھار ايئر فيلڊ تي آئل ڊمپ سائيٽن تي پاڪستاني فوج جي حملن جي هڪ وڊيو جاري ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ حملن کان اڳ ۽ پوءِ جا منظر واضح طور تي ڏسي سگهجن ٿا.سيڪيورٽي ذريعن موجب، پاڪستاني فوج قندھار ايئر فيلڊ جي تيل جي ذخيري جي جڳهن کي نشانو بڻايو ۽ تباهه ڪيو، جيڪي افغان طالبان ۽ دهشتگرد تنظيمون پنهنجي ڪارروائين لاءِ استعمال ڪري رهيون هيون.سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته آپريشن غضب الحق تحت آپريشن مقصد حاصل ٿيڻ تائين جاري رهندا.

پهنجو تبصرو موڪليو