نهال هاشمي کي گورنر سنڌ بڻائڻ جو فيصلو،قيادت جو شڪريو

نهال هاشمي کي گورنر سنڌ بڻائڻ جو فيصلو،قيادت جو شڪريو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) مسلم ليگي اڳواڻ نهال هاشمي کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.وزيراعظم آفيس پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف منظوري لاءِ سمري صدر پاڪستان ڏانهن موڪلي ڇڏي آهي.وزيراعظم نهال هاشمي سان ملاقات ڪئي ۽ کيس سنڌ جو گورنر مقرر ٿيڻ تي مبارڪباد ڏني. ملاقات ۾ رانا ثناءُ الله، اسحاق ڊار ۽ ٻيا به موجود هئا.وزيراعظم طرفان سنڌ جو گورنر نامزد ڪرڻ کانپوءِ نهال هاشمي جو پهريون بيان اچي ويو.نهال هاشمي پنهنجي بيان ۾ چيو ته الله جو شڪر ادا ڪيان ٿو، وزيراعظم ۽ ن ليگ قائد نواز شريف جو به ٿورائتو آهيان.هن صدر آصف علي زرداري جا به ٿورا مڃيا ۽ چيو ته حلف برداري کانپوءِ پنهنجي ترجيحن کان آگاهه ڪندس.

پهنجو تبصرو موڪليو