لاهور (ويب ڊيسڪ) حضرت علي رضه جي شهادت واري ڏهاڙي جي موقعي تي جلوسن ۽ مجلس جي حفاظت لاءِ فول پروف سيڪيورٽي پلان تيار ڪيو ويو آهي.وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان سموري پاڪستان سان تعلق رکندڙ اهل تشيح جي عالمن ملاقات ڪئي جنهن ۾ ملڪ جي موجوده صورتحال جي حوالي سان سيڪيورٽي ۽ انتظامي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.ملاقات جي دوران انهي ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته 21 رمضان المبارڪ کي يوم شهادت حضرت علي رضه جي موقعي تي سموري ملڪ مان نڪتل جلوس مغرب جي نماز تائين ختم ڪيا ويندا جڏهن ته ٻين جلوسن جو ٽائيم به گهٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آحي. انهي موقعي تي وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته عزادارن جي حفاظت ۽ سهوليت جي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا.محسن نقوي چيو ته عالمن هميشه مشڪل وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي، اڄ پاڪستان هڪ دفعو ٻيهر اوهان کان اتحاد، اتفاق جي گهر ڪري رهيو آهي هن چيو ته موجوده صورتحال ۾ عالمن کي ڀائيچاري ۽ اتحاد کي هٿي ڏيڻي آهي.ملاقات ۾ سموري پاڪستان جي اهل تشيح جي عالمن پاڪستان جي حڪومت سان هر ممڪن تعاون جو يقين ڏياريندي چيو ته دشمن جي سازش کي اتفاق ۽ اتحاد جي طاقت سان ناڪام بنايو ويندو. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ڀرپور تعاون جي يقين ڏيارڻ تي سمورن عالمن جو ٿورو ادا ڪيو انهي موقعي تي وفاقي گهرو سيڪريٽري خرم آغا به موجود هو.










